ويلنٽائن ڊي کان آخر ڊڄو ڇو ٿا ؟ !

زرار پيرزادو

¨ ويلنٽائن جي ڏينهن جي حوالي سان نوجوان شاعر زيد پيرزادي ويجهڙائي ۾ آيل پنهنجي شعري مجموعي ”خيال“ ۾ هڪ نظم لکيو آهي جنهن ۾ هڪ انتهائي درست نشاندهي ڪئي آهي ته ” اسان جا ماڻهو محبت جي ان علامتي ڏينهن کي به برداشت نه ٿا ڪن“

¨ اسان وٽ ويلنٽائن ڊي جو تصور ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويندو آهي ته اهو اسان جو ڏينهن ناهي ۽ نه ئي اسان جي ڪا روايت آهي .

¨ بنياد پرست ته ويلنٽائن ڊي کي سڏين ئي يهودين جي سازش ٿا، پر پوءِ به پاڪستان جي اندر خاص ڪري ٻن ٽن سالن کان بهرحال ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ جو باقاعدي رواج پئجي ويو آهي .

¨ ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري وڌندڙ لاڙي کي ڏسندي هتان جون ڪي ڌريون يقيني طور تي ڇرڪڻ لڳيون آهن ۽ اهي پوري ڪوشش ۾ آهن ته اهو ڏينهن .پريمين ۽ عاشقن “ کان کسي ڪنهن ٻي معنيٰ ۾ ملهايو وڃي .

¨ مثال طور ڪي ڌريون چون ٿيون ته ان ڏينهن کي ”سياسي شهيدن“ جي نانءُ ڪيو وڃي، ماءُ پيءُ ڀيڻ ڀائرن ڏانهن منسوب ڪيو  وڃي يا ڌرتي سان وفاداري جي وچن طور ملهايو وڃي .

¨ اسان کي سياسي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ يا انهن جا ڏينهن ملهائڻ تي ڪو اعتراض ناهي، ماءُ پيءُ جا به ڏينهن ملهائجن ۽ ڌرتي سان ڪميٽمينٽ به فخر لائق رويو آهي انهن جا الڳ ڏينهن اونئن ئي عالمي طور ملهايا ويندا آهن، پر ويلنٽائن ڊي جو پنهنجو هڪ مخصوص پسمنظر ۽ روح آهي ۽ ان کي ان جي روح پٽاندڙ ئي ملهائڻ گھرجي .

¨ اصل ۾ 14 فيبروري جو ڏينهن روم جي هڪ عظيم انسان سينٽ ويلنٽائن جي مارجڻ جو ڏينهن آهي  کيس ان ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي تو هو پريمي جوڙن جي لڪ ڇپ شاديون ڪرائي بادشاهه سان بغاوت ڪري رهيو هو .

¨ ڪلاديس نالي بادشاهه جي دور ۾ فوجين کي شادي ڪرڻ کان منع ڪيل هئي، جڏهن ته ويلنٽائن ان کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي سمجهندو هو تنهن ڪري هن لڪ ڇپ ۾ فوجين جون شاديون ڪرائڻ شروع ڪيون هيون ،

¨ بادشاهه سمجهيو هو ته ويلنٽائن کي ماريو ويندو ته قصو ئي تمام ٿي ويندو پر ٿيو ان جي ابتڙ، ويلنٽائن کي هاڻي سڄي دنيا ۾ هر سال 14 فيبروري تي زبردست خراج پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڏينهن کي ” محبت جو ڏينهن“ ڪري ملهائي ويلنٽائن جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا ويندا آهن .

¨ سو پاڪستان توڙي سنڌ ۾ به ويلنٽائن کي  ” محبت جو ڏينهن“   ڪري ئي ملهائڻ گھرجي ۽ ان ڏينهن تي هر ڪنهن کي اهو وچن ڪرڻ گرجي ته اهي ٻن پريمين جي محبت جو احترام ڪندا ۽ هر ممڪن طريقي سان سندن شاديءَ  تي رضا مند رهندا ۽ ان ۾ ڪا رندڪ نه بڻبا .

¨     ويلنٽائن جو ڏينهن پان کي ان احساس وچان ملهائڻ گهرجي ته اسان جي معاشري ۾ ”محبت ممنوع“ آهي، جيڪي پاڻ ۾ ٺهيل هوندا آهن تن کي اسان کريل سمجهندا آهيون ٻن پيار ڪندڙن کي اسان ڪارو ڪاري ڪري ڪهي ڇڏيندا آهيون .

¨ ڪير ٿو چئي ته ويلنٽائن ڊي اسان جو ڏينهن ناهي، پنهنجي سنڌ اندر عشق ۽ محبت جو سڀ کان وڏو وڪيل ڀٽائي صاحب هو، ڀٽائي به اسان لاءِ ويلنٽائن آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سهڻي ميهار ۽ سسئي پنهون جهڙن عشقيا داستانن کي مانُ بخشيو آهي ان ڪري ويلنٽائن ڊي تي ته اسان کي ڀٽائي به ياد ڪرڻ گھرجي .

¨ پنهنجي معاشري ۾ ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ جي سڀ کان گھڻي  ضرورت آهي، ان ڏينهن کي ملهائڻ کان ڊڄڻ نه گهرجي پر پنهنجي اندر ويٺل مجرماڻي حيواني جبلت کي مارڻ جي اخلاقي جرئت ڪرڻ گھرجي .

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري جي وس ۾ هجي ته جيڪر محبت کي حرام قرار ڏئي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.