ڳاڙهو جي ٻگھاڻ شھر ۾الخدمت فائونڊيشن پاران مفت ميڊيڪل ڪئمپ

وامي آواز رپورٽ
ڳاڙهو جي ٻگھاڻ شھر ۾الخدمت فائونڊيشن پاران مفت ميڊيڪل ڪئمپ
وامي آواز رپورٽ ڳاڙهو جي ٻگھاڻ شھر ۾الخدمت فائونڊيشن پاران مفت ميڊيڪل ڪئمپ

ڳاڙهو جي ٻگھاڻ شھر ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي .

مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ 350 عورتن ۽ ٻارڙن جو  چيڪ اپ ڪري انهن کي دوائون پڻ ڏنيون ويون.

عورتن ۽ ٻارڙن جي بيمارين جي مشھور ليڊي ڊاڪٽر عطيه بدر ۽ ڊاڪٽر فوزيه شمع  ڪئمپ ۾ ايندڙ عورتن ء ٻارڙن کي چيڪ ڪيو ۽ علاج ڪيو

ان موقعي تي عورتن جي بيمارين جي اسپيشل ليڊي ڊاڪٽر عطيه بدر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ انسانن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ۽ غذائي کوٽ سبب عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون

الخدمت فائونڊيشن جو ايڊمن آفيسر فرمان شاهه  ۽ ذاڪر حسين ڪڙمون پڻ موجود ھئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.