آرمي چيف جي ايف 16 ويڙهاڪ جهاز ۾ اڏام

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مصحف ايئر بيس سرگوڌا جو دورو ڪيو ۽ ايف 16 جهاز ۾ ويهي جنگي ڪارروائي جي فرضي مشن جي مشق ۾ حصو ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مصحف ايئر بيس سرگوڌا جو دورو ڪيو، جتي چيف آف ايئر اسٽاف ۽ ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان سندس آجيان ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته فضائي جنگ جي تاريخ ۾ مصحف ايئر بيس ۽ ان جي اسڪواڊرنز جي بهادر شاهينن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي مهارت، صلاحيت ۽ روايتون فخر جوڳيون آهن.

مصحف ايئر بيس جي دوري تي موقعي تي آرمي چيف هڪ اسڪواڊرن ويو، جتان هو ويڙهاڪ جهاز ايف 16 ۾ ويٺو، جڏهن ته ايئر چيف مارشل پاڻ جهاز اڏائڻ لاءِ ٻئي ايف 16 ۾ موجود هو، پوءِ ٻنهي جهازن فرضي جنگي ڪارروائي جي مشن ۾ حصو ورتو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت جو ايٽمي تجربن ۾ ناڪامين جو سلسلو جاري

مشن کانپوءِ آرمي چيف اسڪواڊرن جي ويڙهاڪ جهازن جي پائلٽ سان به ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي سربراهه پاڪستان ايئر فورس جي لڳاءَ ۽ پروفيشنلزم جي واکاڻ ڪئي ۽ قوم لاءِ بي مثال خدمتن تي سندن ٿورا مڃيا.

آرمي چيف ايئر چيف مارشل جي قائداڻي صلاحيتن کي به ساراهيو ۽ فورسز وچ ۾ هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي کي ڪامياب آپريشنز لاءِ ضروري قرار ڏنو.

ان موقعي تي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا طرفان دوري تي سندس ٿورا مڃيا.

ٻنهي سربراهن طرفان فورسز وچ ۾ آپريشنز ۽ تربيتي معاملن ۾ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.