گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڪجھ ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل نوجوان نويد اختر گل ۽ گلشير ڪولاچي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شهري اتحاد گهوٽڪي ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن نصرالله ڪلادي الهوسايو گهوٽو، قيصر زمان پٺاڻ ، ڪامريڊ اڪرم ٿهيم , سخي جان چاچڙ , ظفر علي گهوٽو سميت شهرين مقتولن جي وارثن مختيار احمد ڪولاچي ، بابر ڪولاچي ارشاد گل ، غلام حسين گل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي پوليس خلاف پريس ڪلب کان اي سيڪشن ٿاڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي ته سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مقتول جي وارثن ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي اندر بدامني عروج تي آهي , شهري غير محفوظ بڻجي ويا آهن ، هنن چيو ته گهوٽڪي اندر ٻه نوجوان نويد گل ۽ گل شير ڪولاچي قتل ٿي ويا پر گهوٽڪي پوليس ٻنهي نوجوانن جا قاتل گرفتار ناهي ڪري سگهي , هنن چيو ته ضلعي اندر چوريون , ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن پر ايس ايس پي خاموش تماشائي بڻيل آهي , هنن چيو ته اگر هفتي اندر ضلعي اندر بدامني ختم نه ٿي ۽ ٻنهي نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته ايس ايس پي گهوٽڪي هٽايو , گهوٽڪي بچايو تحريڪ شروع ڪئي ويندي , ان موقعي ته سياسي , سماجي اڳواڻن چيف جسٽس , آء جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته گهوٽڪي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري , گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽول ڪرائي شهرين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي 6