ڪراچي (ويب ڊيسڪ)) گهڻي قدر عورتون پنهنجي چهري کي خوبصورت رکڻ لاءِ مختلف قسمن جا صابڻ، ڪريمون ۽ ٻيون مارڪيٽ مان ملندڙ شيون استعمال ڪنديون آهن پر قدرت انسان لاءِ اهڙيون شيون به خلقيون آهن، جن ۾ هر قسم جا فائدا آهن.
انهن ۾ ليمي ۽ هيڊ جو ڪردار به اهم آهي.
هونئن ته ليمي ۽ هيڊ جا ڪيترائي فائدا آهن پر اسان هتي ڳالهه ڪنداسين خوبصورتي جي، جنهن لاءِ به اهي ڪارآمد آهن.
هيڊ ۽ ليمي جي پاڻي کي ملائي چهري تي مساج ڪرڻ سان توهان جي جلد تازي، نرم ۽ چمڪندڙ ٿي ويندي آهي، جڏهن ته اهڙي ماسڪ جو استعمال چهري کي هر قسم جي داڻن کان پڻ محفوظ رکي ٿو.
هيڊ ۽ ليمي جو ماسڪ استعمال ڪرڻ سان توهان کي بيوٽي پارلر جي وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.27