ويسٽ انڊيز خلاف ميچ کان اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جا ٽيم کي مشورا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم اڄ عالمي ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ويسٽ انڊيز خلاف ناٽنگهم جي ميدان تي کيڏندي، جتي پوري قوم ٽيم لاءِ دعاڳو آهي، اتي ڪرڪيٽرن به ٽيم کي ڪجهه مشورا ڏنا آهن.

گرين شرٽس ناڪامين جو تسلسل ٽوڙڻ لاءِ پرعزم آهي ان ڏس ۾ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي پاڪستاني ٽيم ميچ نه پئي کٽي جنهن جو ٽيم تي دٻاءُ آهي، ويسٽ انڊيز ٽيم پاڪستان جي ناڪامين مان فائدو کڻي سگهي ٿي.

اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي ويسٽ انڊيز خلاف ميچ بابت چيو ته اڄ نيچرل گيم ۽ ٽيلنٽ جو مقابلو هوندو، ڪرس گيل ۽ آندري رسل نيچرل کيڏيدا ته پوءِ پاڪستاني ٽيم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا.

هن شاهينن جو مشورو ڏنو ته ٽيم کي ٽيلنٽ جو ڀرپور استعمال پوندو، جيڪڏهن ٽيم ٽيلنٽ موجب کيڏي ته پوءِ ڪير به هارائي نٿو سگهيس.

فاسٽ بالر عمر گل جو چوڻ آهي ته عالمي ڪپ ۾ ڪنهن به ٽيم کي هلڪو نٿو وٺي سگهجي، پاڪستاني بيٽسمين فارم۾ آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.

بيٽسمين احمد شهزاد ويسٽ انڊيز جي مقابلي ۾ پاڪستاني ٽيم جي حمايت ڪندي چيو آهي ته شاهينن کي سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪاميابي صرف پاڪستان جي ٿيندي.

وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين عدنان اڪمل به پاڪستاني ٽيم جي حمايت ڪئي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي دنيا جون ٻه خطرناڪ ٽيمون آهن. گرين شرٽس کي پراعتماد انداز ۾ کيڏڻو پوندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.