سائنسي بنيادن تي قمري ڪئلينڊر تيار، عيد 5 جون تي ٿيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي هدايت تي قمري ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو رمضان مهيني ۾ ئي جاري ڪيو ويندو.سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت سائنسي بنيادن تي قمري ڪيلينڊر تيار ڪري ورتو آهي، پهريون روزو ۽ عيد ڪڏهن ٿيندي قمري ڪيلينڊر سان 5 سال اڳ ئي خبر پئجي ويندي.وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته رمضان مهيني ۾ ئي قمري ڪيلينڊر جاري ڪنداسين، وفاقي وزير اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪيلينڊر بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان منظوري بعد قمري ڪيلينڊر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. فواد چوڌري ڪيلنڊر جاري ڪرڻ کان اڳ عالمن سان به صلاح مشورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صلاح مشوري لاءِ مفتي منيب الرحمان ۽ مفتي پوپلزئي کي دعوت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.