دبئي (م ڊ ) عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪي پابندين وچ اوڀر ۾ بدامني ۾ اضافو ۽ علائقائي اوسر واري شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي . خطي بابت امڪان اعلى سطح جي غير يقيني جو شڪار آهن . آئي ايم اي طرفان جاري 6 مهينن جي رپورٽ موجب ايران خلاف آمريڪي پابندين وچ اوڀر ملڪن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن . رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريجن خاص طورتي پاڪستان ۽ افغانستان کي بيروزگاري جي موجوده سطح تي برقرار رکڻ لاءِ ايندڙ 5 سالن جي عرصي ۾ روزگار جا 25 ملين (2 ڪروڙ 50 لک ) نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا . رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 7.6 سيڪڙو تي پهچي سگهي ٿي، ايندڙ ٻن سالن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿي سگهي ٿو،پاڪستان سميت خطي جي معيشت سست رفتاري جو شڪار آهي.