قومي اسيمبلي ۾ پنجاب ورهائڻ جو بل پيش، متحده جو سنڌ جي وحدت تي وار، هنگامو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم جي ايران دوري دوران دهشتگردي بابت بيان تي مخالف ڌر شديد هنگامو ڪري ڏنو، ان دوران ايوان جي ڪارروائي به روڪي وئي،مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته  وفاقي وزير مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر طرفان هنگامو ڪري گو بي بي جا نعرا هنيا ويا. پ پ ايم اين اي حنا رباني قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ايران ۾ جرمني ۽ جاپان بابت بيان کانپوءِ سڄي دنيا ملڪ تي کلي رهي آهي.  هن چيو ته جيڪو چوي ٿو ته ملڪ کي درست ڪيو تنهن کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي.اسان جو چونڊيل وزيراعظم ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي ته ماضي ۾ اسان جي سرزمين پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف استعمال ٿي آهي، موجوده حڪومت جي غلطين جي ڪري اسان دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده حڪومت کي رياستي معاملا هلائڻ لاءِ جيڪڏهن تربيت گهرجي ته اها پهرين تربيت حاصل ڪري ۽ پوءِ ٻيهر چونڊجي اچي، وفاقي وزير مراد سعيد ايوان ۾ تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر گوڙ شروع ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر جي گوڙ تي مراد سعيد کي تقرير ختم ڪرڻ جو چيو ويو ته هن ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان تقرير شروع ئي نه ڪئي آهي ته جلد ڪيئن ختم ڪيان. هن چيو ته خواجه آصف ٻاهر وڃي چوي ٿو ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمون آهن، ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس دهشتگرد قرار ڏيندي شرم ايندو هو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀارتي جهاز پئي ڪيرايا ته بلاول ڀٽو زرداري سندن ڪيس پئي وڙهيو، بلاول جي ابو ۽ پڦي جي اڪائونٽ ۾ ڪرپشن جا پئسا آهن. مراد سعيد چيو ته حسين حقاني پاڪستان خلاف جيڪو زهر اوڳاڇي رهيو آهي تنهن کي پ پ جي دور ۾ ئي سفير لڳايو ويو، بلاول ڀٽو زرداري حادثي طور چيئرمين بڻجي ويو، کيس يونيورسٽي جي في به واپس ڪرڻي پوندي. مراد سعيد جي بيان تي مخالف ڌر هنگامو ڪري ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان کان اڳ ن ليگ جي ايم اين اي خرم دستگير مطالبو ڪيو ته وزيراعظم پنهنجي بيان جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪري، وزيراعظم جيڪو ايران ۾ بيان ڏنو اهو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ اهو پاڪستان کي بيڪ فٽ تي وٺي وڃڻ برابر آهي، انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم جي بيان جو هڪ حصو ڏيکاريو پيو وڃي،پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪ جي سرزمين استعمال ڪندي ٻيو پاڙيسري دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، جنهن جو مثال تازو ئي ڪوسٽل هاءِ وي تي پيش آيل واقعو آهي جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر  چترالي ملڪي معيشت کي وياج کان پاڪ ڪرڻ لاءِ 11 ميمبرن طرفان تيار ڪيل بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، هن چيو  ته اسان اربين ڊالر رڳو وياج جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون،مديني جي رياست ۽ وياج گڏ نٿا هلي سگهن، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم بل جي حمايت ڪندي چيو ته وياج جي حرام هئڻ ۾ ڪو به شڪ ناهي، جڏهن ته پنجاب کي 3 صوبن ۾ ورهائڻ جو معاملو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ اٿي ويو، جتي ن ليگ جي راڻا ثناءُ الله، احسن اقبال،راڻا تنوير ۽ نجيب الدين اويسي بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو تجويز ڪيل بل پيش ڪيو، ليگي ميمبرن جو چوڻ هو ته اليڪشن کان اڳ سياسي اشو طور ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جو معاملو اٿاريو ويو هو جڏهن ته پ پ 3 بدران رڳو 2 صوبن جي قيام جي حمايت ڪري ڇڏي ۽ ان معاملي ۾ تحريڪ انصاف سان هڪ پيج تي آهي، پي ٽي آءِ جي عامر ڊوگر چيو ته مسلم ليگ ن پنجاب ۾ نئون صوبو  ٿي بڻائڻ چاهي بلڪه رڳو سازش ڪرڻ چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد  علي خان چيو ته پنجاب وانگر سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي 2 صوبا ٺاهيا وڃن جنهن تي پ پ جي ميمبرن سخت احتجاج ڪري هنگامو ڪيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.