زلزلي متاثرن لاءِ ايتري رقم ڪاٿي خرچ ٿي: سپريم ڪورٽ تفصيل گهري ورتا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ زلزلي متاثرن لاءِ ايندڙ فنڊن ۽ خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ۾ نيو بالاڪوٽ سٽي زلزلي متاثرن جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾  3 رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته زلزلي سٽيل علائقن جي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪيتري رقم گڏ ٿي؟ قومي ۽ عالمي سطح تان حاصل فنڊ مان ڪيتري رقم خرچ ٿي؟ ارٿ ڪوئيڪ ري ڪنسٽرڪشن اينڊ ري هيبليٽيشن اٿارٽي (ايرا) ٻڌائي ته زلزلي متاثرن جي فنڊن ۾ باقي ڪيتري رقم آهي ۽ باقي فنڊ ڪهڙي اداري وٽ آهن؟ سپريم ڪورٽ چيو ته چيف سيڪريٽري به زلزلي متاثرن جي فنڊن بابت لکت جواب ڏئي. ايرا ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته بالاڪوٽ ۽ مانسهرا ۾ متاثرن جي آبادڪاري ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ 205 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا 205 ارب رپين جي خرچ ڪيل رقم جي آڊٽ ٿي؟ ايرا پنهنجي رپورٽ سان آڊيٽر جنرل جي رپورٽ به جمع ڪرائي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ زلزلو 2005 ۾ آيو، متاثر بحالي لاءِ 18 سالن کان دائري ۾ گهمي رهيا آهيون، زلزلي متاثرن کي نيو بالاڪوٽ سٽي جو خواب ڏيکاريو ويو، ايترا فنڊ آيا هئا، ڪاڏي ويا، ڪٿي خرچ ٿيا؟ عدالت خيبر پختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ صوبي جي رليف ورڪ سيڪريٽري کي ايندڙ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.