مان سچن ٽنڊولڪر جي پٽ کان وڌيڪ خوش قسمت آهيان: سرفراز خان

ڀارتي ڪرڪيٽر سرفراز خان جو نالو هلندڙ سال علائقائي ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ايونٽ رنجي ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ بعد اڄڪلهه خبرن ۾ آهي.

ان سلسلي ۾ ڀارتي اخبار هندوستان ٽائمز سندس والد نوشاد خان جي پراڻي انٽرويو جو حصو ڇاپيو آهي جنهن هن پنهنجي پٽ جي ننڍپڻ جون ڳاليهون شيئر ڪيون آهن.

نوشاد خان پنهنجي پٽ جي جذباتي ڳالهين کي بيان ڪيو جنهن ۾ هو پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي ڀيٽ ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي عظيم بيٽر سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ارجن ٽنڊولڪر سان ڪري ٿو جنهن سان گڏ سرفراز ڪيريئر جي شروعات ۾ کيڏندو هو.

نوشاد خان ٻڌايو ته هڪ ڀيري سرفراز چيو ته بابا ارجن ڪيڏو خوش نصيب آهي نه؟ هو سچن صاحب جو پٽ آهي، هن وٽ گاڏيون آهن، آءِ پيڊز سميت ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.

پر سرفراز  ڊوڙندو واپس آيو ۽ چوڻ لڳو ته مان هُن کان وڌيڪ خوش قسمت آهيان، اوهان مون سان سڄو ڏينهن گذاري سگهو ٿا پر ارجن جو پيءَ شايد کيس ايترو وقت نه ڏئي سگهندو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.