بجلي بريڪ ڊائون، موبائل نيٽ ورڪس جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب ملڪ جو وڏو حصو بجلي کان محروم ٿي ويو.

ان حوالي سان توانائي واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته بجلي بحالي لاءِ رات 10 وڳي تائين ڊيڊ لائن مقرر ڪئي آهي، اسلام آباد، پشاور، ملتان ۽ سکر ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي بجلي جزوي بحال ڪئي آهي، جڏهن ته واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي جلد کان جلد بحالي لاءِ رابطي ۾ آهيون.

هوڏانهن ٽيلي ڪام انڊسٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيلي ڪام نيٽ ورڪس صبح کان بيڪ اپ پاور سپلاءِ تي هلي رهيا آهن، بجلي مسلسل گم رهڻ سبب ٽيلي ڪام نيٽ ورڪس کي آن رکڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.

ذريعن موجب بيڪ اپ پاور ۽ ٻارڻ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون لاءِ ناهي هوندو، مختلف ٽيلي ڪام سائٽس تي ٻارڻ جي فراهمي جو انتظام ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، سروسز جاري رکڻ لاءِ نيشنل گرڊ مان بجلي جي جلد بحالي ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.