سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ تي پاڪستان سميت مسلم دنيا جو سخت رد عمل

اسٽاڪ هوم (  ويب ڊيسڪ ) سوئيڊن ۽ ترڪي جي سفارتي ڇڪتاڻ ۾ يورپ ۾ اسلامو فوبيا وري اڀري آئي.سوئيڊن ۾ ترڪي خلاف مظاهري دوران شرپسندن قرآن پاڪ جو نسخو شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪيو ويو.

اسٽاڪ هوم ۾ انتهائي ساڄي پاسي جي اسٽرام ڪرس پارٽي جي اڳواڻ راسموس پالوڊان اسٽاڪ هوم ۾ ترڪي جي سفارتخاني ٻاهران قرآن مجيد جو نسخو ساڙي شهيد ڪري ڇڏيو.

پالوڊن گذريل سال به ريلي ڪڍي قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن بعد مظاهرا شروع ٿيا هئا. سوئيڊن جي وزيراعظم الف ڪرسٽن به واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته اظهار جي آزادي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي پر ضروي ناهي ته اهو مناسب به هجي. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ مقدس ڪتاب ساڙڻ انتهائي بي حرمتي آهي.

سندس چوڻ هو ته واقعي تي مسلمانن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. جن کي هن واقعي تي تڪليف پهتي آهي. اسٽاڪ هوم ۾ ترڪي جي حمايت ۽ مخالف ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، گذريل هفتي اسٽاڪ هوم ۾ اردگان جو پتلو هڪ ليمپ پوسٽ تي ٽنگيو ويو هو.

هن واقعي کان پوءِ ترڪي، سوئيڊن جي بچاءُ واري وزير پال جانسن جو ترڪي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ترڪي جو چوڻ آهي ته هي دورو پنهنجي اهميت ۽ معنيٰ وڃائي چڪو آهي.

واضح رهي ته گذريل سال فن لينڊ ۽ ترڪي نيٽو ۾ شموليت جي درخواست ڪئي ته ترڪي ان جي مخالفت ڪئي هئي. ترڪي جو چوڻ هو ته هي ٻئي ملڪ ڪرد هٿياربندن جي حمايت بند ڪن ۽ ترڪي تي ڪجهه هٿيارن جي وڪري تي بندش هٽائين.

ترڪي پاڪ ڪتاب ساڙڻ جي مذمت ڪئي آهي. چيو ويو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي اسلام مخالف عمل جي اجازت نه ڏني ويندي.

وزيراعظم شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهڙي عمل کي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي.

گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوئيڊن ۾ ساڄي ڌر جي انتهاپسند پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جهڙي ڪُڌي فعل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران سوئيڊن ۾ احتجاج دوران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

عمران خان چيو ته گذريل سال مارچ ۾ اسان جي حڪومت جي ڪاوش جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلاموفوبيا جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان او آءِ سي جي  تائيد يافته تاريخي قرارداد منظور ڪئي. واقعي جي سعودي عرب، قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن به مذمت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.