ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ( ر ) فيض حميد وٽ ن ليگ ۽ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيئي اڳواڻن جون آڊيوز ۽ وڊيوز موجود آهن.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا اِها دعويٰ به ڪئي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون آڊيوز ۽ وڊيوز جلد ليڪ ڪيون وينديون.
ياد رهي ته ان کان اڳ به ماضيءَ ۾ عمران خان ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪيئي سياسي اڳواڻن جون آڊيوز ۽ وڊيوز ليڪ ٿينديون رهيون آهن.