هالا ۾ چوريون وڌي ويون، شهري راتيون جاڳڻ لڳا، پوليس ننڊ ستل

ھالا( ن ع آھ ) اليڪشن ختم ٿيندي ئي ھالا شهر ۾ چورين جو آزار شروع،چورن شهر جي مين روڊ تي واقع نيو گلشن هوٽل جا تالا ٽوڙي هوٽل ۾ موجود آيل سي ڊي، بيٽري، چارجر، سميت هزارين روپيا ڪيش رقم چورائي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ هوٽل مالڪ بابر راجپوت ٻڌايو ته سندن هوٽل تان هٿرادو چوري ڪرائي ويئي ڇاڪاڻ جو سندس ڀاءُ اڪرم راجپوت اليڪشن ۾ پي پي جي مخالفت ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي چونڊ مهم هلائي هئي جنهن جي ڪري ئي سندن هوٽل جا تالا ٽوڙائي لکين روپين جي چوري ڪرائي ويئي آهي. واقعي بعد هوٽل مالڪ پنهنجي راجپوت برادري سان گڏ ھالا ٿاڻي تي پهچي چوري ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ پهتا ته ھالا پوليس انتظاميه هڪ سياسي هائوس جي چرچ تي چور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي ٿاڻو ڇڏي ويا، پوليس جي اهڙي رويي تي هوٽل مالڪ بابر راجپوت چيو ته ھالا پوليس جي اهڙي رويي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ تي جوابدار سميت ھالا پوليس خلاف آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد،ايس ايس پي مٽياري ۽ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.