مارڪون ڦيرڦار ڪيس:ڊائو يونيورسٽي انتظاميا معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي مارڪس ڦيرڦار ڪيس ۾ شاگردياڻِي مسڪان جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ۾ پي ايم سي جي وڪيل سهيل رانا ۽ هما ڀٽو مارڪس جو طريقيڪار پيش ڪيو جڏهن ته دائو ميڊيڪل يونيورسٽي غير مشروط طور تي معافي وٺي ڇڏي.عدالت پي ايم سي ۽ ڊائوميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا کي مارڪس پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته شاگرد پنهنجي مارڪس ڏسي سگهن .ان موقعي پي ايم سي جي وڪيل سهيل رانا چيو ته مسڪان کان غلطي ٿي آهي، اسان انڪوائري ڪرائي ته هن جون 153مارڪس هيون، ان حوالي سان مسڪان کي داخلا ملڻ گهرجي.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته امتحان ٿيڻ کان پوءِ 28 نومبر 2022ع تي نتيجي جو اعلان ڪيو ويو. درخواست گذار جو چوڻ هو ته اسان جهڙي نموني پرچو حل ڪيو، اهڙي مارڪس نه هئي، اسان ري چيڪ ۾ وياسين پر اسان کي چيو ويو ته اسان رزلٽ ٺاهي پي ايم سي موڪلي ڇڏي آهي.وڪيل جو چوڻ ته 30 نومبر تي پي ايم سي پاران چيو ويو ته 54شاگردن جي مارڪس ۾ ردوبدل ڪئي وئي آهي، ان جي انڪوائري ڪري وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.