لڳندو هو ملڪ جا سڄڻ هِن مونسان ائين نه ڪندا، رياست قانون کان مٿانهين آهي: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسٽيلشمينٽ هڪ حقيقت ۽ قانون کان مٿانهين آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ جون حالتون تڏهن بهتر ٿينديون جڏهن اسٽيبلشمينٽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندي، پنجاب ۾ اسان جي اڪثريت گهٽائڻ جي ڪوشش ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، اميد آهي ته نئون آرمي چيف چونڊون شفاف ڪرائيندو.

هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڏسي رهيو آهيان، هي ايم ڪيو ايم کي گڏ ڪري رهيا آهن ۽ بي اي پي کي پيپلزپارٽي ۾ موڪلي رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي، ڪي پي ۾ جي يو آءِ کي سيٽون، هتي سڀ ڪنهن کي چيو پيو وڃي ته نون ليگ ۾ وڃو عمران خان ختم ٿي ويو آهي. هنن تاريخ مان ڪو به سبق ناهي سکيو سياسي انجنيئرنگ ئي ٻيڙو ٻوڙيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان ڪڏهن به ڪمزور حڪومت ۾ نه ويهندس، مونکي اڳ ۾ خبر هجي ها ته اسٽيبلشمينٽ وارا مونسان ائين ڪندا ته مان حڪومت ڪڏهن نه وٺان ها، مان سمجهندو هئس ته منهنجا ۽ اسٽيبلشمينٽ جا مفاد هڪجهڙا آهن. مان مني لانڊرنگ ڪرڻ نه آيو هيس، مونکي لڳندو هو ته اسٽيبلشمينٽ جو به اهو ئي مفاد آهي.

هن جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سريلنڪا کي چيو آهي ته پنهنجي فوج اڌ ڪيو، جڏهن توهان ڪمزور ٿيندا آهيون ته قرض ڏيندڙ حڪم ڏيندا آهن، سريلنڪا ۽ مصر ۾ اهو ڪم شروع ٿي ويو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنرل باجوه مدي ۾ واڌ کان اڳ وڏو مددگار هو، فوج واحد ادارو آهي جيڪو تباهه ناهي ٿيو ۽ مضبوط آهي، ڪورونا حالتن ۾ فوج اسانجي سُٺي مدد ڪئي، پوليو ۽ ماڪڙ دوران به فوج وڏي مدد ڪئي پر اين آر او ٽو ڏئي جنرل باجوه وڏو نقصان ڪيو، جنرل باوجوه پهريون احتساب روڪيو ۽ پوءِ اين آر او ٽو جاري ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.