ليجنڊ ڳائڻي لتا جي ڌوني کي ريٽائر نه ٿيڻ درخواست

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ڪپ 2019ع کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جي امڪاني ريٽائرمنٽ بابت خبرن تي ليجنڊ گلوڪارا لتا منگيشڪر اڳوڻي ڪپتان جي نالي دل کي ڇهندڙ هڪ پيغام ۾ راند جاري رکڻ ۽ ريٽائرمنٽ جو خيال به دل ۾ نه آڻڻ جي درخواست ڪئي آهي.

لتا منگيشڪر جو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ڌوني کي مخاطب ڪندي چوڻ هوته آئون اڄلهه ٻڌي رهي آهيان ته توهان ريٽائر ٿيڻ چاهيو ٿا، مهرباني ڪري توهان ائين نه سوچو، ملڪ کي توهان جي ضرورت آهي ۽ اها منهنجي به درخواست آهي ته ريٽائرمنٽ جو خيال به پنهنجي دل ۾ نه آڻيو.

ٻئي پاسي نيوزيلينڊ هٿان هار کانپوءِ ڀارت ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي پريس ڪانفرنس دوران ڌوني جي ريٽائرمنٽ جي اڳڪٿين تي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ان بابت هن اسان سان اڃا تائين ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.