وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو: وائٽ هائوس تصديق نه ڪئي، مناسب وقت تي اعلان ٿيندو: پرڏيهي آفيس

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري بابت صورتحال واضح نه ٿي سگهي ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب وائٽ هائوس اڃا تائين وزيراعظم جي دوري جي تصديق ناهي ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي آفيس مناسب وقت تي دوري بابت  آگاهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وائٽ هائوس ۾ هفتوار بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽگهس صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وائٽ هائوس پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي دوري جي اڃا تائين تصديق ناهي ڪئي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن آرٽگهس جو چوڻ آهي ته في الحال وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري بابت ڪا به تصديق ناهي ٿي.

هن چيو ته وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري جي حوالي سان مون به پڙهيو آهي تنهنڪري ان جي تصديق ۽ سندس ملاقات جي تفصيلن لاءِ وائٽ هائوس سان رابطو ڪنداسين.

ٻئي پاسي پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل به ان ڏس ۾هڪ بيان جاري ڪيو آهي، هن چيو آهي ته وزيراعظم جي دوري بابت اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، اسان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن ۾ آهيون، ان حوالي سان جيڪو ڪجهه به طئي ٿيندو ان جو مناسب وقت تي باظابطا اعلان ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.