واٽس ايپ اسٽيٽس کي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ لاءِ فيچر جي آزمائش شروع

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائيندڙ مشهور ويب ايپليڪيشن ”واٽس ايپ“ اسٽيٽس اسٽوريز کي فيس بڪ ۽ انسٽاگرا تي سڌي ريت شيئر ڪرڻ لاءِ نئين فيچر جي آزمائش ڪئي آهي.

واٽس ايپ پنهنجن واهپيدارن جي اسٽيٽس اسٽوريز کي ٻين سماجي رابطن جي ويب سائٽن فيسبڪ، انسٽاگارام، جي ميل ۽ گوگل تي شيئر ڪرڻ جي سهولت فراه ڪرڻ لاءِ نئون فيچر تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

نيئن فيچر تحت واٽس ايپ اسٽيٽس اسٽوري کي ٻين ايپس تي شيئر ڪرڻ لاءِ آپشن فراهم ڪيو ويندو جنهن جي چونڊ ڪري اسٽيٽس کي ٻين ايپش تي سولائي سان شيئر ڪري سگھبو.

رپورٽن موجب واٽس ايپ ان فيچر جي آزمائش ۾ مصروف آهي ۽ ڪجهه واهپيدارن کي بيٽا ورجن ذريعي تجرباتي بنيادن تي ان فيچر تائين پهچ ڏني وئي آهي.

خيال ڪيو پيو وڃي ته فيسبڪ جي سي اي او مارڪ زڪربرگ جي ويزن 2020ع تحت واٽس ايپ، فيسبڪ ۽ انسٽاگرام کي گڏائي گڏيل فيچر سان واهپيدارن لاءِ نيون سولايون پيدا ڪيون پيون وڃن.