دنيا ڪيڏانهن وڌي رهي آهي؟

مظهر ابڙو

تهذيب جا مڙئي ضابطا ۽ معاشرت جا سڀ اصول ڪنڌ جهُڪايون بيٺا آهن. چنڊ ستارن  تي وسنديون وسائڻ وارا پنهنجي جيئندڙ جاڳندڙ شهرن مان بيزار آهن. خوب کان  خوب جي تلاش انسان کي پنهنجي آپي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ۽ اها تلاش مختصر پيماني تي ٻڌل هجي يا جهانن تي محيط هجي، هڪ ڊوڙ لڳل آهي. هر طرف نفسانفسيءَ جو عالم آهي. خون جا رشتا وساريا وڃن ٿا، برادريءَ جا ناتا وکري ويا آهن، معاشرتي واسطيداريون وسريل ياد بڻجي چڪيون آهن، دوستيءَ جا گُل ڪومائجي ويا آهن، پاڙي اوڙي سان ربطُ ٽُٽِي چڪو آهي.

   ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ياد ڪجي، ڪهڙو ڪهڙو ذڪر دهرائجي. اهي زنده ۽ پائنده روايتون جن سان هڪ پُرسڪون معاشري جو خمير جڙندو آهي، هن مشيني دور جي نذر ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ گذريل صدين جي ڀيٽ ۾ هن زماني بي شمار ترقي ڪئي  آهي، پر اها پڻ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي قيمتي قدرن کان منهن موڙي ويا آهيون. جنهن ڪري اُجرو لباس پهريندڙ، صاف سٿري ماحول ۾ رهندڙ، بلند عمارتن ۾ اٿندڙ ويهندڙ ۽ چمڪندڙ عاليشان گاڏين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ انسان پنهنجي پاڇي کان 

به خائف ٿي پيا آهن. ٽجوڙيون ڀريون پيون آهن، بينڪون پئسي سان ٽُٻيل آهن، کيسا ڀاري آهن….پر روح به ته ٻوجهل آهن!اهو شخص جنهن جي موجوده دنيا جي ترقيءَ تي نظر آهي، ان حقيقت کان به انڪاري ٿي نٿو سگهي ته ان ترقيءَ ۾ هن پريشان ۽ غير منظم دنيا جي تباهيءَ جا جراثيم ۽ زوال جو ٻج پڻ پوري طرح موجود آهي. دنيا جي سائنسي ۽ تهذيبي ترقيءَ جو داستان پنهنجي ڪافي دلڪشي ۽ اثر وڃائي ويهي ٿو، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته اهو داستان ان شخص جي ڪهاڻيءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿو جيڪو آسٽريليا جي جهنگ ۾ اُڃ سبب مئو وڃي ٿو، پر جڏهن پاڻيءَ لاءِ کڏو ٿو کوٽي ته ان مان سونُ“ نڪري ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته اسانجي تهذيب پنهنجي خصوصيت شعوري مقصد سان حاصل ناهي ڪئي، جنهن کي  عقلي طور محسوس ڪيو وڃي. اسانجي تهذيب 

اوندهه ۾ تير هلائڻ جو نامعلوم ۽ غير متوقع نتيجو آهي.

اهو چين… اهو سُڪون… اهو اطمنان ڪيڏانهن ويو؟! اهي زمانا ڪاڏي ويا جڏهن نه رستن تي پوليس جو گشت ٿيندو هئو ، نه بنگلن تي چوڪيدارن جا پهرا هوندا هئا. اڄ جون سڀئي سهولتون ميسر نه هيون ، پوءِ به ڪيڏو نه آرام هيو… ۽ 

ڪيترو نه اعتماد هيو!!زندگيءَ ۾ ايتري بي اعتباري ۽ ناپائداري نه هئي. پاڙي مان ڪٿان هڪ آههَ اُڀرندي هئي، ڪنهن هڪ گهر ۾ ڪو هڪ پل لاءِ به تڙپندو هو ته پاڙي جا ماڻهو سڄي رات بيقرار رهندا هئا. ڪٿي شاديءَ جو ڪاڄ ٿيندو هو ته ماڻهو سڏَ جو انتظار نه ڪندا هئا… پر، اڄ جي بناوٽي سماج ۾ ته جنازا به چُپِ چاپِ ٿا کڄن.اڄ غريب زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ته صاحبِ حيثيت زندگيءَ جي عيش عشرت جي پورائي لاءِ ڏينهن رات لوڙي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته جي کين اهو سڀ ڪجهه ملي به وڃي ته ڇا هنن کي سُکَ جي منزل ملي سگهندي … حرص ۽  حوسَ جو سيلابُ رڪجي ويندو … خواهشن جون بازارون وري نه سجنديون؟!اڄجڏهن معاشري جي بي اطمناني ۽ اضطراب جي ڳالهه کُلي ٿي ته انتُ نئين نسل جي بگاڙ تي ٿئي ٿو. پر ، اهو ڪنهن سوچيو آهي ته زندگيءَ کان فرار رڳو نئين نسل جو الميو ئي نه ، پر پُراڻي نسل جو  صدمو پڻ آهي. جوان هجي يا پوڙهو ، غريب هجي يا امير… هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي غمن جا صليب ساڻ کنيون ٿو گهُمي. بي چين هرڪوئي آهي ، پر سڀني جا مسئلا مختلف آهن.

اڄ رعايا وانگر حڪومت به مضطرب ۽ پريشان آهي. جاهلن وانگر عالم، مريدن وانگرمرشد، ننڍن ملازمن وانگر وڏا آفيسر، زرعي ۽ صنعتي مزدورن وانگر وڏا وڏا زميندار ۽ صنعتڪار، شاگردن وانگر استاد، ننڍي پيماني تي ڪم ڪندڙن وانگر ڪروڙن جو ناجائز ڪاروبار ڪندڙ تاجر، مقتول جي بيڪس پونئرن وانگر قاتل ۽ ان جا وارثَ ، ۽ رشوت نه ڏئي سگهندڙ وانگر وسيع پيماني تي رشوت وٺندڙ صاحب به ڳڻتين ۽ افسوس ۾ وڪوڙيل آهن. اضطراب جي ان باهه سڀني انسانن جي دلين کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي.

اڄوڪو انسان نهايت بي ترتيب زندگي گذاري رهيو آهي. ان جي سامهون نه ڪو مقصد آهي نه منزل. ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو هوائنِ ۾ تير هلائيندو  ۽ سرابن پويان ڊوڙندو هجي. انسانيت جون اهي ذميداريون جيڪي کيس خُدا پاران مليون هيون، اهي  هُو وساري ويٺو آهي. اڄ جو انسان ايترو ته مصنوعي بڻجي چڪو آهي، هن پنهنجي چوڌاري فريب ڏيندڙ خواهشن جو هڪ اهڙو ڄار اُڻي ورتو آهي جنهن ۾ هُو روز ڦاسندو ٿو وڃي. ماده پرستيءَ جو رجحان ڏهاڙي اسان جي پُراڻن قدرن تي 

حاوي ٿيندو ٿو وڃي. جنهن سبب توڙي جو انسان اُڀَ تي کيرَ ڌارا کي ڇُهي اچي ته به نه سندس روح مطمعن نه ضمير خُوش! زندگيءَ ۾ ڏهاڙيءَ جي ڪشمڪش، تضاد ۽ بي  يقينيءَ سبب انسان يا ته ٿڪجي هارجي جانورن جيان انڌي ننڊ ۾ ٻُڏي ٿو وڃي يا وري مختلف نشن ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. سُڪون جي تلاش  ۾ هڪ طرف هُو ڀنگ، چرس، آفيم ۽ ننڊ جي گورين کان وٺي هيروئن تائين آزمائي ٿو ته ٻئي پاسي فنونِ لطيفه ، ادب ، شاعري، فلسفي ۽ سائنس جي اعليٰ ايوانن ۾ پناهه پڻ ڳولي ٿو. سُڪون لاءِ ته هُو تصوف ۽ ويدانيت جي باطني علمن ڏانهن به رُخ رکي ٿو، پر پوءِ به ڪٿان کيس من جو چين نصيب نه ٿئي ٿو.مطلب ته اسان سڀ هر وقت وکريل وکريل رهون ٿا. هڪ ڀڄ ڊوڙ آهي جو ڪجهه ماڻهو نه کٽندڙ آرزوئن جي پويان پيل آهن ته ڪن کي وري اَکُٽ ويرانين اڪيلو ڪري 

وڌو آهي. هڪ طرف هوٽلن ۽ هجومن ۾ ويٺل ماڻهو  اُکڙيل اُکڙيل آهن ته ٻئي پاسي محفلن ۽ پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ به ماڻهو پاڻ کي اوپرو ۽ تنها محسوس ٿا ڪن. اها ڪهڙي لهرَ آهي جنهن سڀني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو آهي… اهو ڪهڙو طوفان آهي جنهن جي گهيري ۾ اسان سڀ گهيرجي چڪا آهيون… آخر زندگيءَ ۾ ماٺار ڇونه رهي آهي؟!

اڄوڪي دور کان ته اهو زمانو چڱو هو جڏهن انساني مخلوق اڃا ڪنهن ارتقائي مرحلي مان نه گذري هئي. جڏهن نه ڪوئي مذهب، فرقا ۽ قومون هيون نه  ئي زندگيءَ جو آئين هوندو هو، نه ڪي قيد ۽ بندشون هوندون هيون نه ئي فڪرمندي ٿيندي هئي. ڏينهن رات آزاد زندگيءَ جو سرچشمو وهندو هو. انسان بغير پريشاني، بغير پڇتاءَ ۽ بغير ڪنهن جذباتي ڇڪتاڻ جي زندگي گذاريندو هو. نه ماضيءَ ڏانهن ڏسندو هو نه مستقبل مان ڪوڙيون اميدون رکندو هو. آئون ته اڄ به انهيءَ اڻ ڏٺِي زندگيءَ سان پيار ڪريان ٿو. منهنجو روح چاهي ٿو ته ڪاش! آئون سج جهڙن صاف ۽ شفاف جذبن سان ڀرپور ٿي صبح جي اُس جيان چئني ڏسائن ڏانهن پکڙجي وڃان. جهنگن جهرن، پهاڙن ۽ بَرپٽن ۾ اڏامندڙ پنن جي  لهرن مٿان هر وقت جهومندو رهان. هر گُل جي مکڙيءَ کي چُمي گهاٽي، ڪومل ۽ سائي گاهه جي ميدانن سان پنهنجو سينو ملائي ڌرتيءَ تي سُکَ جي ننڊ سُمهان. منهنجي خواهش آهي ته رات جو چُپِ چاپِ ننڊ جيان وڃي دنيا ۾ ڦهليل وحشتن جون اکيون پنهنجين آڱرين سان هميشه هميشه لاءِ پوري ڇڏيان. ۽ آکيري آکيري، گهر گهر مٿان ڪنهن ناريءَ جي رئي جي پلئه جيان پاڻ کي آسمان تي ڦهلائي، دنيا کي سُڪون بخشيندڙ اوندهه سان ڍڪي ڇڏيان.