آفريدي خلاف سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

اسلام آباد(م ڊ)  پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي پنهنجن ڌيئرن کي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7

آئوٽ ڊور اسپورٽس کيڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ”گيم چينجر” ۾ انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجن ڌيئرن کي آئوٽ ڊور گيمز جي اجازت نه ٿو ڏئي، ان جي ابتڙ کين گهر ۾ هرقسم جي راند کيڏڻ جي اجازت آهي ۽ ان فيصلي ۾ سندس زال ساڻس گڏ آهي جنهن تي مٿس سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ کيس دقيانوسي ۽ روايتي پيءُ هئڻ جو خطاب ڏنو پيو وڃي. پاڪستاني ليکڪه بينا شاهه جو چوڻ  آهي ته شاهد آفريدي  جا اهڙا خيال پاڪستاني پيءُ ٿيڻ جو مثال آهن ته اهو پنهنجن ڌيئرن بابت ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿو ته اهي ڇا ڪن ۽ ڇا نه ڪن ۽ ڪا به شيءِ انهن کي روڪي نه ٿي سگهي

اسپاٽ فڪسنگ جي ڄاڻ اخبارن کي دوست ڏني، منهنجو ڪو ڪردار ناهي: شاهد آفريدي

ڪراچي (م ڊ ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شاهد آفريدي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 4

چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ جي ڄاڻ اخبارن کي دوست ڏني، ان ۾منهنجو ڪو به ڪردار ناهي، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته برطانوي اخبار کي سلمان بٽ جي اسپاٽ فڪسنگ ۾ملوث هجڻ جي ڄاڻ آئون نه پر منهنجي دوست ڏني هئي، هن چيو ته فڪسنگ ۾ملوث رانديگر اڄ تائين شڪ ڪندا آهن ته کين آئون ڦاسايو آهي، سٺو ٿيو اهي رانديگر پڪڙجي پيا نه ته پاڪستان ڪرڪيٽ جو حال تمام خراب هجي ها، واضح رهي ته شاهد آفريدي جي ڪتاب “ گيم چينجر ” ڪجهه ڏينهن اڳ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن ۽ ان ڪتاب تي سينيئر رانديگرن جي تنقيد جو سلسلو به جاري آهي.

 

You might also like