انٽر بئنڪ ۾ ڊالر بلند ترين سطح 161 رپين تي پهچي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 161 رپين تي پهچي ويو آهي. رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر تيزي سان ڊبل سينچري تي طرف وڌي رهيو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 4 رپيه 2 پئسا مهانگو ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊالر جي قيمت 161 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ مهيني دوران ڊالر جي قيمت ست رپيه وڌي وئي آهي جڏهن ته هلندڙ مهيني انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 رپيه 8 پئسا مهانگو ٿيو آهي. رپئي جو ملهه گهٽ ٿيڻ سان جون جي مهيني ۾ قرضن جي ماليت ۾  800 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.