الاسڪا ۾ ٻه جهاز ٽڪرائجي تباهه ، پنج ڄڻا فوت

الاسڪا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست الاسڪا ۾ 2 جهاز اُڏام دوران ٽڪرائجي تباهه ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

حادثي ۾ ڏهه ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جڏهن ته هينئر تائين هڪ همراهه گم آهي.

آمريڪي ڪوسٽ گارڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته اڏام دوران جهاز حادثي جو شڪار ٿيا، ٽڪر سبب هڪ شخص گم ٿي ويو  جنهن جي ڳولا جاري آهي.

هڪ جهاز ۾ يارنهن جڏهن ته ٻئي جهاز ۾ پنج ڄڻا سوار هئا، جڏهن ته حادثي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

You might also like