ڪراچيءَ ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي شهر ۾ هيٽ ويو سبب شديد گرمي جي لهر برقرار آهي، جڏهن ته گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن لاءِ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته هيٽ ويو جا اثر صبح کان ئي نظر اچڻ شروع ٿي ويا. شهر ۾ سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ۽ گهم وڌڻ سبب شديد گرمي محسوس ڪئي پئي وڃي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن جهولو هلندو جڏهن ته گرمي پد 42 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي، گرمي جي شدت 50 ڊگري برابر محسوس ٿيندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گرمي جي غير معمولي لهر سبب عربي سمنڊ ۾ ٺهندر سامونڊي طوفان آهي، سامونڊي طوفان وائيو اڄ رات ڀارت جي گجرات جي سمنڊ سان ٽڪرائيندو، طوفان سبب اڄ شام شهر ۾ طوفان جڏهن ته هلي برسات جو امڪان آهي. شديد گرمي کي نظر ۾ رکندي شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڏينهن وقت غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن،  پاڻي ۽ ٿڌن شربتن جو استعمال وڌائي ڇڏين ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻو پوي ته مٿو ڍڪي يا وري مٿي تي آلو ڪپڙو رکي نڪرن.