وزيراعظم ميڊيا صنعت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميڊيا جي صعنت سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن جو چڱي ريت احساس آهي ۽ انهن جو حل پهرين ترجيح آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، ميڊيا جي معاملن بابت خاص مددگار يوسف بيگ مرزا، پنجاب جي اطلاعات واري وزير صمصام بخاري، سينيٽر فيصل جاويد ۽ وزيراعظم جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم کي ميڊيا جي صنعت جي مسئلن بابت آگاهي ڏني، جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسئيشن ۽ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي رهتن جي معاملن تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

عمران خان هدايت ڪئي رهتن جي ادائيگي جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت پي بي اي ۽ اي پي اين ايس جي نمائندن سان فوري طور مشاورت ڪري ۽ عيد کان اڳ رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ان عمل جي ذاتي طور پاڻ نگراني ڪندي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اظهار جي آزادي آئيني ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين رکون ٿا، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي ڏيڻ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اڻٽر آهي، مون کي ميڊيا جي صعنت سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن جو چڱي ريت احساس آهي ۽ انهن جو حل پهرين ترجيح آهي.

You might also like