انسان جو وجود هڪ راز آ

دنيا ڪيئن وجود  ۾ آئي ڪيئن ترقي ڪئي. اڄ جو انسان ايڏي ترقيءَ ڪرڻ جي باوجود به پنهنجي وجود لاءِ راز بڻيل آهي.

 اهڙو راز جنهن جي پويان ڪئين سوال اڀرن ٿا پر خبر نٿي پوي. ڏسجي ته جيڪڏهن ڪا تحقيق ٿي به آهي ته خاص طور سوشلسٽ، لبرل سوچ جي ڏاهن اڄ اهڙين حيرت زدهه شين کي به نروار ڪري سمجهايو ۽ ڏيکاريو ويو آهي.

 مسئلا خدا کي ڳولڻ ۽ پهرين سج، چنڊ، چمڪندڙ پٿرن وغيره جي چمڪ روشني کي ڏسي چيو ته اهو ئي خدا آهي، وري پوءِ جيئن جيئن سائنس جا تجربا ۽ تحقيق وڌي ته خبر پئي ته ڌرتي جي اردگرد گهمندڙ هيءُ سڀ صرف سيارو آهي ڌرتي هڪ گولي طرح ٻرندي رهي ٿي ۽ سندس سفر سال ۾ پورو ٿئي ٿو.

ائين انسان تي به تحقيق ٿئي ٿي ۽ دنيا جي مختلف فلاسافرن، سائنسدانن جي مختلف راءِ آهي. پر مجموعي طرح سڀني جي سوچ جون ڪڙيون هڪ ٻئي سان آمادگي ضرور ظاهر ڪن ٿيون.

مسئلا جيئن هڪ سوشلسٽ سائنسدان انسان جي ضرورت ۽ اهميت کي سمجهندي لکي ٿو ته انسان هڪ ڳجهه آهي بلڪل گمنام ۽ لڪل صورت پران تي تحقيق هئڻ گهرجي جيڪڏهن ان تحقيقات ۾ پوري زندگي به گذري وڃي ته ائين نه چئجو ته وقت ويو.

 ڇاڪاڻ جو ڪنهن به تحقيق ۾ هڪ يا ٻه نه پر ڪيئي سال گذري ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي فلاسافر جو خيال آهي ته انسان هڪ اڻ کٽ ڪائنات آهي ۽ انسانن لاءِ ڪائنات زندگيءَ جو اڻ ٽٽندڙ ڌاڳو آهي جيڪو هميشه ساڻ رهي ٿو.

سائنسدانن هر جاندار جيڪي ساهه کڻن ٿا انهن تي تحقيقات ڪئي آهي. تحقيق  گل ٻوٽا، وڻ به ساهه دار آهن ڇاڪاڻ جو هوا پاڻي، کاڌ کانسواءِ زندهه نٿا رهي سگهن.

 اها هڪ حقيقت آهي ته وقت ۽ حالتن پٽاندڙ انسانن جون شڪليون به ٿوريون تبديل ٿيون آهن سندن اٿڻ، ويهڻ جي مزاج طابق جسماني بناوٽ جي وڏي اهيت آهي. برطانوي ماهر ڊاڪٽر چارلس ڊارون ارتقائي نظرئي تحت چيو ته انسان پهرين ڀولڙن وانگر هو ۽ اڄ سندن انسانن واري شڪل دراصل ارتقا ڪري ظاهر ٿي آهي.

علامه اقبال جنهن کي شاعر مشرق جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو تنهن مختصر لفظن جي شاعريءَ جي رڌم ۾ چيو آهي ته:

طلسم بودو عدم جس کان نام هي آدم

خدا کا راز هي قادر نهين جس په سخن

جتي به تحقيق جو عمل ماٺو نظر ٿو اچي ته اها ئي خدا جو راز ئي سمجهي وڃي ٿي.

علامه اقبال وري به چوي ٿو ته:

اگر نه هو تجهي الجهن تو کهول کر کهدون

وجود حضرت انسان نه روح هي نه بدن.

شاعر مشرق وقت ۽ حالتن ۽ ماڻهن جي رجهانن کي سمجهي پيو ته جيڪڏهن الجهن نه ٿئي ته آءُ ٿورو راز ٻڌايان بلڪل اهڙيءَ طرح وري پوري دنيا تي ڇانيل دنيا جو عظيم انسانيت جي علمبردار شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڪجهه اهڙي طرح بيان ڪيو آهي ته :

“هوُ پڻ ڪونهين هن” ري، “هيءُ “ نه ”هن مان ڌار

”الا سنان سري و آنا سره“ پروڙج پچار

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.

شاهه عبداللطيف لاءِ خيال آهي ته سندن سوچ تمام گهري هئي انسان کان وٺي هر ساهدار جانور کان ٻوٽن تائين ۽ وري زمين جي مٽي پٿرن کان وٺي برساتن طوفانن تائين سندس گهري سوچ جو تاثر ملي ٿو. پر تنهن هوندي به انسان جي لاءِ اهوئي چوڻ آهي ته خدا جو هيءُ وڏو راز آهي جنهن تي سائنس کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

هيروڊوٽس جي نظريه تاريخ لکڻ جو موقعو اهو آهي ته جيڪا به پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ معلومات آهي اها ميسارجي نه وڃي. چاهي جيڪي به انسان هجن مسلم يا غير مسلم انسان جي ارتقا جو عمل ان جي وجود سان آهي. مذهب، عقيدو، ٻولي سڀ الڳ آهن.

هيروڊوٽس لکي ٿو ته سنڌي سپاهين ۽ سوارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ هٿن ۾ بانس جو ڪمانون ۽ بيد جا تير هوندا هئا. جن جي چهنب تي ڦولادي ڦر چڙهيل هئا. هيروڊوٽس جي تاريخ 480 قبل مسيح ڌاري ايرانين ۽ يونانين جي وچ ۾ ٿروجن جي ميدان تي ٿيل ويڙهه متعلق لکيل آهي انهيءَ ويڙهه ۾ سنڌي سپاهي ايرانين جي طرفان وڙهي رهيا هئا.

هيروڊوٽس نظريه تاريخ ۾ هڪ اصول ظاهر ڪيو آهي ته ”اتحاد ۽ تنظيم“ جو تاريخي اصول ئي بهتر ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ يونانين جي زبان ۽ مذهب هڪ هو. ويڙهه جا جذبات به ساڳيا هئا انهيءَ ڪري يوناني سپاهين ۾ سياسي نفاق هو پر سندس رهنما ڏاڍا ويڙهاڪ هئا.

وري ڏسجي ته ايران جي شهنشاهه ”ررڪس“ جي لشڪر ۾ سندس پنهنجي ”ايراني“ ۽ ”ميد“ کانسواءِ ٿين، ڪبڊوسين ليڊين، لائسين ۽ هندين (سنڌين) جا جٿا پڻ  شامل هئا،

 هيروڊوٽس کان پوءِ علامه عبدالرحمان ابن خلدون تاريخ جو فلسفو پيش ڪيو، سندس استد لال موجب وقت به وقت دنيا جي حالت ڪهڙيءَ طرح تبديل ٿيندي رهي آهي.

 قومن ڪيئن بادشاهتون قائم ڪيون. زمين تي پکيڙ جو دائرو ڪيئن وڌيو، قومن وچ ۾ عروج ۽ زوال ايندا رهندا آهن، تاريخ ڏاهپ جو سبق سيکاري ٿي. ان ڪري جو قومون غلطين مان گهڻو ڪجهه سکنديون آهن.

اسلامي طرح ڏٺو وڃي ته اسلامي ادب ۾ گهڻو اصلاح ڪيو ويو آهي 14 عيسوي صدي ۾ ابن خلدون معتبر مسلمان تاريخ نويسن جي واقعن کي جمع ڪيو ۽ جيڪي بيهودگيون،

 ڏند ڪٿائون غلط قصا ۽ ڪهاڻيون جن سماج تي برا اثر پئي وڌا، انهن کي ختم ڪيو.

 پوين نسلن انهن روايتن تي اعتبار ڪيو. غلط رجحان ڏي قومون جلدي مائل ٿينديون آهن. 

صحيح رجحان لاءِ هنن کي پنهنجي سوچ ۽ صلاحيت کي اجاگر ڪرڻو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته تاريخ ۾ تمام گهڻو خال ٿو محسوس ٿئي.

 اڄ به جيڪڏهن ڏسجي ته پراڻين روايتن، غلط رجحانن، مصنوعي قسم جا جن، وهم وسوسا، توهم پرستيون تمام گهڻو نظر ٿيون اچن.

 حيرت جي ڳالهه اها آهي ته تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو به غير سنجيده ۽ غير سائنٽفڪ ڳالهين ۾ اُلجهيل آهن. 

ابن خلدون ان لاءِ چيو آهي ته هڪ عورت کي تعليم حاصل ڪرايو ان لاءِ نه ته هوءَ نوڪري ڪندي. ان لاءِ ته سندس مطالعو ۽ تعليم ٻار جي پرورش تي ظاهر ٿيندو ۽ معاشري جي ترقيءَ جو معيار بلند ٿيندو.

مذهب جو جائزو سائنسي طريقيڪار سان ڏسجي ته گهڻيون ڳالهيون واضح نظر اينديون پر پرويز هود بائي جي اسلام ۽ سائنس واري خيال ۾ گهڻيون ڳالهييون واضح ٿين ٿيون هن وقت رحمان به تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي پر صرف اهو ڪم ۽ فرض تحقيق تائين محدود نه هئڻ گهرجي،

 ان کي جيسين هر ماڻهو پاڻ تي فرض لاڳو ڪري نٿو سمجهي تيسين صرف اهو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو ته پهرين ڪڪڙ پيدا ٿي يا آنو. 

ڏاڏي هوا ته ڏاڏو آدم وري ڪيئن انسان ۽ ڪيئن زمين تي آيا. ازل کان عبد واري زندگي ڪيتري آهي؟ اهڙا سوين سوال ذهن ۾ اڄ به گردش ڪن ٿا. پر انهن سڀني جو حل تحقيق ۽ حقيقت کي سمجهڻ آهي.