ڪشمير معاملي تي اسين سڀ گڏ آهيون….!

ڀان سيد آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمير معاملي تي اسين سڀ گڏ آهيون، هن چيو ته پنهنجي والد جي ملاقات لاءِ ويل مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عيد جي رات فريال ٽالپر کي اسپتال مان جيل موڪليو ويو جنهن جي مزمت ڪيون ٿا.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اباڻي تڪ سيوهڻ پهتو جتي هن پنهنجي والد عبدالله شاھ جي مزار تي حاضري ڀري.

وڏو وزير سيوهڻ ايئرپورٽ تي پهتو ته ايم اين اي سردار سڪندر راهپوٽو، پ پ اڳواڻ رئيس امان ﷲ شاهاڻي، پ پ اڳواڻ سيد محمد شاهه ۽ ٻين سرڪاري عملدارن سندس استقبال ڪيو.

هن ماڻهن سان عيد ملڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهائينداسين، يوم آزادي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي رهي آهي جنهن بابت وزيراطلاعات سنڌ سعيد غني کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته يوم آزادي جي ريلي ۾ سمورين جماعتن کي دعوت ڏجي.

 هن چيو ته آصف علي زرداري جيڪو چوندو آهي اهو سوچي سمجهي چوندو آهي. نيب کي عمران نيازي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like