سن بلاڪ ۽ سن اسڪرين جا جزا جلد ذريعي رت داخل ٿي رهيا آهن

آسٽريليا (ويب ڊيسڪ) سن اسڪرين ۽ سن بلاڪ ۾ موجود چار مختلف ڪيميڪل انساني رت ۾ مليا آهن ان کان پوءِ ماهرن ان تي وڌيڪ تحقيق تي زور ڏنو آهي.

جي ماهرن زور ڏنو آهي ته هن وقت تائين انهن ڪيميڪلن جا انسانن تي اثر واضح ناهن پر ماڻهن کي سن بلاڪ ۽ اُس روڪيندڙ ٻين ڪريمن جو استعمال ترڪ نه ڪرڻ گھرجي ڇو جو سج جي هاڃيڪار شعاعن کان بچڻ گھڻو ضروري آهي. ۽ هن ان سميت (ٽاڪسي سٽِي) تي وڌيڪ زور ڏنو آهي.

ان مطالعي ۾ 24 ماڻهن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو. هر گروپ کي چار عدد مشهور سن اسڪرين فارمولا استعمال ڪرايا ويا جن ۾ هڪ مشهور لوشن، هڪ ڪريم ۽ ٻه مختلف اسپري ڏنا ويا. هر گروپ چئن ڏينهن تائين، ڏينهن ۾ چار ڀيرا جسم جي 75 سيڪڙو حصي تي سن اسڪرين لڳائي۔

 ان کان پوءِ سڀني جي رت جا ٽيسٽ ڪرايا ويا. ماهرن سن اسڪرين ۾ موجود چئن اهم جزن ايووبينزون، آڪسي بينزون، اوڪٽو ڪرائلين، ۽ ايڪيمسيول لاءِ رت جا ٽيسٽ واضح ڪيا. رڳو هڪ ڏينهن جي استعمال کان پوءِ ئي سڀني جي رت ۾ چارئي جزا موجود هئا جن جو مقدار 0.5 نينو گرام في ملي ميٽر هو.

 پر رت ۾ انهن جزن جو ايترو مقدار ڪنهن مقرر حد يا ان سان لاڳاپيل خطري کي ظاهر ناهي ڪندو. جيڪڏهن ان پيماني کان وڌيڪ مقدار هجي تڏهن ئي ماهر لاءِ ڪنهن پريشاني جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مطلب اهو ناهي ته سن اسڪرين غير محفوظ آهن.

ان مطالعي تي تنقيد ڪندي ڪيسنر ڪائونسل آسٽريليا جي سائنسدان ٽيري سلي ون جو چوڻ آهي ته مطالعي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن لوشن، ڪريم ۽ سن اسڪرين جو گھڻو مقدار استعمال ڪيو ويو هو. پر عام طور تي ان جو چوٿون حصو مقدار استعمال ڪيو ويندو آهي.

هڪ ٻئي

 ماهر چيو ته جيڪڏهن ان خبر کان پوءِ ماڻهن سن اسرين ۽ لوشن مان بيزار ٿي وڃن ته خراب ڳالهه هوندي ڇو جو سن بلاڪ به گھڻين بيمارين کي روڪيندو آهي جن ۾ جلد جي ڪينسر به شامل آهي. سج جي روشني ۾ موجود هاڃيڪار (الٽراوائلٽ) شعاڳ جلد جي ڪينسر جو سبب بڻبا آهن ۽ سن بلاڪ انهن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

You might also like