مٺا شربت ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا:نئين تحقيق

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) کنڊ وارن شربتن بابت چيو ويو آهي ته اهي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اها ڳالهه هڪ برطانوي طبي رسالي ۾ ڇپجندڙ نئين تحقيقي رپورٽ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.

برطانوي ميڊيڪل جرنل ۾ شائع ٿيندڙ رپورٽ جي تحقيقدانن جو تعلق فرانس سان آهي، ان رپورٽ موجب روزاني بنياد تي مٺن شربتن جو استعمال ڪنهن به نموني صحت بخش ناهي ۽ اهي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اهڙي طرح ميون جي جوس جو استعمال به غيرفائديمند ۽ جسم لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي.

فرانسيسي تحقيقدانن ڄاڻايل تحقيقي رپورٽ 9 ورهين دوران گڏ ڪيل انگن اکرن جي روشني ۾ تيار ڪئي آهي، ان رپورٽ کي تيار ڪرڻ لاءِ ريسرچرن جي ٽيم هڪ لک بالغ ماڻهن جا انٽرويوز ڪيا.ان رپورٽ جا تفصيل ڪينسر ريسرچ برطانيا جي سينيئر محقق گراهم ويلر ميڊيا آڏو پيش ڪيا آهن.

تحقيقدانن ان رپورٽ مان نتيجو ڪڍيو آهي ته حاصل ٿيل ڊيٽا مان اهڙا ثبوت مليا آهن جن موجب مٺن شربتن سان ڪينسر ٿيڻ جو امڪان آهي پر ائين يقيني طور تي ٿيندو اها ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي. ان بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ريسرچ ذريعي هڪ اندازو لڳايو ويو آهي ته مٺا شربت يقيني طور ڪنهن به انسان ۾ ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

محققن اهو ضرور واضح ڪيو آهي ته اهو حتمي آهي ته مٺن شربتن جي استعمال ۾ گهٽتائي انساني صحت لاءِ فائديمند هئڻ سان گڏوگڏ امڪاني ڪينسر جي واڌ ويجهه کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، محققن جو خيال آهي ته هڪ سئو ملي ليٽر يا اٽڪل ٽي اونس مٺن شربتن جي روزاني استعمال سان ڪينسر جي واڌ ويجهه جو امڪان 18 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

برطانوي ريسرچر گراهم ويلر موجب انساني جسم تي مٺاڻ ۽ ميون جي جوس جا اثر گهٽ يا وڌ هڪ جهڙا ظاهر ٿيا آهن.

سائنسي تحقيقدانن موجب ان تحقيق واضح ڪيو آهي ته مٺن شربتن ۽ ميون جو جوس جو استعمال انساني جسم لاءِ نه ئي فائديمند آهي ۽ نه ئي ڪنهن وڏي نقصان جو سبب بڻجي ٿو پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته ان جي استعمال کان پاسو ڪرڻ بهتر آهي.

اها ڳالهه اهم آهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ مٺن شربتن جو استعمال غيرمعمولي آهي، ان جي استعمال سان ٿولهه وڌي وئي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ٿولهه انساني جسم ۾ ڪيئي بيمارين جو سبب بڻجندي آهي، جن ۾ شگر، معدي جي عضون جي ناقص ڪارڪردگي، گردي جا مسئلا ۽ ڪينسر شامل آهن.

You might also like