سريلنڪا ۾ مسلمانن تي حملا، ڪرفيو لاڳو

ڪولمبو( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ ايسٽر ڌماڪن کان پوءِ مسلمانن جي ملڪيتن تي حملن ۾ اضافي کان پوءِ اختيارين سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي هڻي ڇڏي آهي.

 آمريڪي نشرياتي اداري مطابق پابندي جو فيصلو مسجدن تي پٿراءُ ۽ مسلمان واپارين جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه جي وڌندڙ واقعن کان پوءِ ڪيو ويو آهي.

آچر تي ڪيترن ئي ماڻهن اوڀر علائقي ”چلوا“ ۾ مسجدن ۽ واپاري مرڪزن تي پٿراءُ ڪيو جڏهن ته هڪ شخص کي سرعام تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

اختيارين مطابق ايسٽر ڌماڪن کان پوءِ اهو بدامنيءَ جو سڀ کان وڏو واقعوآهي. سريلنڪا جي موبائل ڪمپنين مطابق اختيارين طرفان انهن کي وائبر، سنيپ چيٽ، ايمو، يو ٽيوب ۽ انسٽاگرام سروسز عارضي طور تي بند ڪرڻ جون هدايتون مليون هيون.

You might also like