ڀارت جي اهم شخصيت جو اداڪارا ميرا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار…

 

لنڊن (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا لاءِ ڀارتي اداڪارا ۽ هدايتڪارا سوني رازدان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ميرا ڪيترين ئي پاڪستاني فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ته ڏيکاري چڪي آهي پر هن بالي ووڊ ۾ به پنهنجي ادائن سان سڀني کي متاثر ڪيو ۽ ميرا جي فلم ”باجي“ لاءِ بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جي ماءُ ۽ مهيش ڀٽ جي گهرواري سوني رازدان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. تازو هڪ انٽرويو ۾ سوني رازدان پاڪستاني اداڪارا ميرا جي تعريف ڪندي چيو ته هڪ اداڪارا جي حيثيت سان ميرا ڪڏهن ڊائريڪٽر جي صلاحن کي نظرانداز نه ڪيو پر اهو فلمي ڪلچر جو هڪ مسئلو رهيو آهي، جنهن وقت ميرا مون سان گڏ ڪم ڪري رهي هئي ته ان وقت پاڪستاني فلمن جو ڪلچر بلڪل مختلف هو، مان جيڪو ڪري رهي هيس ان سان ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون پر ان باوجود ميرا مستقل مزاجي سان ڪم ڪيو، پنهنجي مستقل مزاجي ۽ لڳاءَ سبب ئي اڄ ميرا هڪ ڪامياب اداڪارا آهي. واضح رهي ته ميرا 2005 ۾ بالي ووڊ فلم ”نظر“ ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن جي هدايتڪاري سوني رازدان ڏني هئي پر ان فلم ۾ ڪجهه بولڊ منظرن سبب ميرا کي پاڪستان ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

You might also like