اوندهه ۾ چمڪندڙ سولر جيڪيٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ماهرن هڪ اهڙي انوکي جيڪيٽ تيار ڪئي آهي جيڪا سج جي توانائي سان چارج ٿي اوندهه ۾ چمڪي ٿي.

ٽائيم ميگزين طرفان 2018ع جي بهترين ايجاد قرار ڏنل اها جيڪيٽ سولر آهي، پر ان جي ڪم ڪرڻ جو انداز به انوکو آهي. اها ٻوٽي جيان ڪم ڪري ٿي يعني سج مان پاڻ مرادو روشني جذب ڪري توانائي گڏ ڪندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: گوگل پڪسل 4 جا سمورا تفصيل وقت کان اڳ ليڪ ٿي ويا

ان جيڪيٽ جو بنياد ي ڪم اهو آهي ته اها اوندهه ۾ چمڪندي آهي جنهن ڪري اها رات ۾ ڪم ڪندر ماڻهن جهڙوڪ سرڪاري اهلڪار يا پوليس اهلڪارن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي جيڪي ان جيڪيٽ کي پهري ٻين کي نظر اچي سگھن ٿا.

ان جو هڪ ٻيو فيچر به آهي جيڪو اوندهه ۾ ٽارچ جي روشني جي مدد سان ان تي ڪجهه لکي به سگھجي ٿو. يعني جيڪڏهن ڪو شخص رات جي وقت ڪٿي ڦاسي پوي ته اهو ان جيڪيٽ تي هيلپ جو لفظ لکي پري کان ماڻهن کي پنهنجي طرف ڌيان ڏياري سگھي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اوبر واهپيدارن کي هوائي سفر جي سهولت به ڏئي ڇڏي

جيڪيٽ جي ٻاهران تهه جو مٽيريل فاسفورس سان تيار ڪيل هڪ خاص مرڪب مان ٺهيل آهي. جيئن ئي ان تي روشني پوي ٿي ته جيڪيٽ ان کي جذب ڪري ٿي ۽ چمڪي ٿي.

پنهنجي نوعيت جي ان انوکي ايجاد جي شروعاتي قيمت 445 ڊالر رکي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.