سنڌ اسيمبلي جي ڪارڪردگي: 3 هزار سوالن جا رڳو 10 سيڪڙو جواب….!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ سال دروان حڪومتي ڪارڪردگي غير اطمينان ڏيندڙ رهي، سنڌ اسيمبلي ميمبرن هڪ سال دوران سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن بابت ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ سوال جمع ڪرايا جن مان 90 سيڪڙو سوالن جا جواب سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي نه ملي سگهيا ۽ نه ئي ايوان جي ڪارروائي ۾ شامل ڪيا ويا.

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزيرن مختلف کاتن بابت ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ سوالن مان رڳو 10سيڪڙو سوالن جا جواب ايوان ۾ پيش ڪيا، منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي، لينڊ يوٽيلائيزيشن، گھرو ۽ خوراڪ کاتو سنڌ حڪومت جا اهڙا کاتا آهن جن بابت پڇيل سوالن جا لکت جواب سنڌ اسيمبلي جي ايجنڊا تي شامل ئي ناهن ڪيا ويا.

سنڌ اسيمبلي جي رڪارڊ موجب مختلف کاتن جي انچارج وڏي وزير مراد علي شاهه پهرين پارلياماني سال دوران هڪ ڀيرو به گھرو کاتي ۽ پوليس بابت پڇيل سوال جا جواب ايوان ۾ نه ڏنا.

صحت کاتي، توانائي، ٻيلي ۽ جنگلي جيوت سڀني کاتن کان وڌيڪ سوالن جا جواب ايوان ۾ پيس ڪيا جڏهن ته راندين ، يوٿ افيئرز، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، اينٽي ڪرپشن، منصوبابندي ۽ ترقي، خوراڪ جي کاتن جا سوال ايجنڊا ۾ شامل ئي نه ڪيا ويا، رڪارڊ موجب سنڌ حڪومت جي 10 کاتن جي سوالن لاءِ سنڌ اسيمبلي جي ڊگھي سيشنز ۾ ڪو به ڏينهن سوالن لاءِ نه چونڊيو ويو.

 سڀ کان وڌيڪ سوالن جو وقفو صحت عام ڀلائي، جيل، ثقافت ۽ سياحت، ٻيلي، جنگلي جيوت ، لائيو اسٽاڪ رينيو رليف، قانون ۽ پارلياماني معاملن کي  سوالن واري وقفي جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي هڪ سال دوران گڏيل طور تي 12 مختلف قانوني مسودا پاس ڪيا جن ۾ فنانس بل ۽ مڪاني ترميمي بل کان سواءِ جيل، پوليس ۽ زخمي ماڻهن جي علاج جو نئون قانوني مسودو به شامل آهن، ان حوالي سان جي ڊي اي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته سنڌ اسيمبلي جو هڪ سال مڪمل ٿيو پر حڪومتي ڪارڪردگي غير اطمينان ڏيندڙ رهي، هن چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن 3هزارن کان وڌيڪ سوال جمع ڪرايا پر رڳو 380 سوالن جا جواب مليا جيڪي اٺ جي وات ۾ زيري جي برابر آهن، اهو في جواب 11 لک رپين ۾ پيو.

سڄي سال دوران خوراڪ کاتي، اينٽي ڪرپشن، منصوبابندي ۽ ترقي، گھرو کاتي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، لينڊ يوٽيلائيزيشن، رورل ڊولپمينٽ، اسپورٽس يوٿ افيئرز سوڌو ڪيترن ئي کاتن مان هڪ به سوال جو جواب نه مليو، هن چيو ته صحت کاتي 33 ۽ توانائي 30 سوالن جا جواب ڏنا. انساني حقن جي کاتي، مائينز اينڊ منرل ۽ ماحوليان کاتي جي ڪارڪردگي ناقص رهي انهن رڳو هڪ هڪ سوال جو جواب ايوان ۾ ڏنو.

You might also like