شرجيل خان ٽيم ۾ واپسيءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسپاٽ فڪسنگ جي الزام هيٺ سزا ڪاٽيندڙ ڪرڪيٽر شرجيل خان بحالي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پي سي بي کي خط لکي ڇڏيو.

پي ايس ايل سيزن 2 جي شروعات ۾ سامهون آيل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا ماڻيندڙ شرجيل خان تي پابندي جو مدو 10 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي، اوپنر کي اڍائي سال معطل ڪرڻ سوڌو 5 ورهين جي پابندي لڳائي وئي هئي، بهتر رويي سبب ڪرڪيٽر تي معطل ڪرڻ جي سزا لاڳو نه ٿي.

شرجيل خان کي ڪنهن به سطح تي ڪرڪيٽ ۾ ٻيهر واپسي لاءِ پي سي بي جي بحالي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ هن پي سي بي کي خط به لکيو آهي.

شرجيل خان کي بحالي پروگرام ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ تحت پروگرامن ۾ نوجوان ڪرڪيٽرز کي فڪسنگ کان بچاءَ لاءِ ليڪچر به ڏيڻا پوندا.

You might also like