افغانستان ۾  سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران 16 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا.

پرڏيهي خابرواداري موجب افغانستان جي صوبي فراه ۾ هٿياربند طالبان ويڙهاڪن پوليس چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس افغان فوج جي مدد سان ويڙهاڪن کي پٺتي موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ گڏيل سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو .

افغان حڪومت صوبي فراه ۾ افغان فوجن ۽ پوليس جي گڏيل سرچ آپريشن دوران 16 طالبان ويڙهاڪ مارجڻ ۽ 21 جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سرچ آپريشن ۾ هڪ افغاني فوجي مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته بارودي سرنگهن کي به ناڪارا بڻايو ويو آهي.

طالبان فراه ۾ سرچ آپريشن دوران ويڙهاڪن جي مارجڻ واري افغان حڪومت جي دعويٰ کي رد ڪندي پوليس چيڪ پوسٽن تي حملي جي ناڪام ٿيڻ تي به ڪنهن به قسم جو تبصرو ناهي ڪيو.

You might also like