مختياران مائي ڪيس: جوابدارن جي بريت خلاف نظرثاني درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف مختياران مائي جي نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ مختياران مائي زيادتي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جوابدارن جي بريت خلاف مختياران مائي جي نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته ڏوهه ڏورانهن علائقي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته مختياران مائي تي زخم جو ڪو نشان ناهي، رڪارڊ سان ٻڌائيندس ته جسم تي زخم جا نشان هئا، ڇا ڪيس ۾ جوابدار جو اعتراف دفاع کي متاثر ڪندو؟ جسٽس گلزار احمد چيو ته نظرثاني اپيل جو گرائونڊ دليل نه ٿا وٺي سگهجن، نظرثاني ۾ رڳو فيصلي جي غلطي ٻڌايو ويندو آهي ڪيس کي مختصر ڪيو نه ته 10 سال ائين ئي پيل رهندو، فيصلي ۾ اٿاريل نقطن کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ غور هيٺ آندو ويندو، ڪيس ۾ نقطا لکرائي ڏيو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نقطن جو جائزو ورتو ويندو. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ ڪيس اڪلائي ڇڏيو.