رتيديري ۾وڌيڪ 39 ايڊز ڪيس ظاهر، ڪيمپن تي ماڻهن جي پيهه، مريض دربدر

رتوديرو (رپورٽ : طفيل ساريو ) رتيديري ۾ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي تي ضابطو اچي ناھي سگھيو، تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ لڳل ميڊيڪل ڪئمپ 17 ڏينھن به اسڪريننگ جاري رھي، ڪئمپ تي سوين ماڻھن جي پيھه لڳل هئي، عورتون پنھنجا ٻارڙا کڻي آيون، 1192 ماڻھن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جن ۾صرف ھڪ ڏينھن ۾سرڪاري توڙي خانگي ليبارٽرين مان ڪرايل رت جي چڪاس بعد 39 نوان ڪيس ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جا ظاھر ٿيا، جن ۾ 23 ٻارڙا ۽ پنج عورتون شامل آھن. رتيديري ۾ ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جي مريضن جو انگ وڌي 519 ٿي ويو آھي، جڏھن ته اسڪريننگ ڪئمپ تي سوين عورتن جي پيھه سبب رت جي چڪاس واري مرحلو سست رفتاري سان ھليو، رتيديري ۾ تصديق ٿيل ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جي مريضن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي موڪليو ويو، جتي ڪراچي جي آغا خان اسپتال کان آيل ماھر ڊاڪٽر فاطمه مير ۽ انفيڪشن ڊزيز جي ماھر ڊاڪٽر شھلا باقي متاثر مريضن جو طبي معائينو ڪيو پر لاڙڪاڻي جي مقامي انتظاميا پاران ڪراچي کان آيل ماھر ڊاڪٽرن کي انتظامي سھولتون نه ڏيڻ سبب مريضن جي پيھه وڌي وئي ۽ ايڊز سينٽر بدنظمي جو شڪار ٿيڻ سبب ڊاڪٽر فاطمه مير رڙيون ڪندي رھي ته انتظاميا ڪٿي آھي. ھن پيھه تي ڪنٽرول ڪري پر صحت کاتي يا سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام وارا ڪٿي نظر نه آيا،  سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو پي ڊي ۽ فوڪل پرسن ميڊيا ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ ٻن ڏينھن کان پنھنجا موبائيل نمبر بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪنھن نه اسرڪيننگ ڪئمپ تي موجود نه ئي وري ايڊز سينٽر تي موجود رھيو، سڄو ڏينھن رتيديري توڙي لاڙڪاڻي جا صحافي ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ کان موقف وٺڻ لاءِ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا پر ھو ڪنھن به صحافي کي ھٿ نه آيو. رتوديرو ۽ ان جي پسگردائي ۾ ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي تي ضابطو اچي نه سگھيو. سوين ماڻھن ھن وائرس جو شڪار ٿيل ٻارڙن کي ايڊز سينٽر ۾ گھمائيندا رھيا سڄو ڏينھن انتظار ڪرڻ بعد ھو واپس گھر موٽي آيا علاج ڪنھن کي نه ملي سگھيو، ايڊز وائرس ۾ مبتلا 519 متاثر خاندانن ۾ سوڳ وارو ماحول ۽ علاج جي لاءِ پريشان آھن.

بدين ۾8،ڊکڻ 4 ۽ اڏيري لال ۾ٽن گهرڀاتين کي ايڊز جي تصديق

بدين/ڊکڻ/اڏيرو لال (نمائندا ) سنڌ ۾ايڊز جي مريضن جو انگ وڌندو پيو وڃي، بدين ۾8، ڊکڻ 4 ۽ اڏيري لال ۾ٽن گهرڀاتين کي ايڊز جي تصديق ٿي آهي، متاثرن سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائن جي اپيل ڪئي آهي، بدين ۾ايڇ آئي وي ايڊز ضلعي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر هارون ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تازي اسڪينگ مان بدين ۾ 8 ايڇ آئي وي پازيٽو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، مرض پکڙجڻ جو سبب بلڊ ٽرانسفر ۽ انجيڪشن آهن، ڊکڻ لڳ ڳوٺ جاگير شيخ ۾ٻه ڏينهن اڳ لڳايل ڪئمپ ۾ 309 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي هئي، جن مان ٻن ڀائرن سميت چئن ٻارڙن 9 مهينن جي حارث پٽ نياز سومرو، انيس پٽ نياز سومرو، رابيل پٽ نادر شاھ ۽ رڪيه ڌيءَ گداحسين شاھ جي ايڇ آءِ وي رپورٽ پازيٽو اچي وئي آھي، مجموعي طور تي ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ ايڊز  ۾ مبتلا ماڻھن جو انگ 21 ٿي ويو آھي، هوڏانهن اوڏيرولال لڳ ڳوٺ حمزو مجيداڻو ۾هڪ هي گهر جي ٽن ڀاتين کي ايڊز هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جن ۾ 25 ورهين جو ارباب علي مجيداڻو، سندس زال 22 ورهين جي حاجاڻي ۽ سندن 4 ورهين جو معصوم پٽ عبدالغفار شامل آهن،

ارباب علي مجيداڻو صحافين کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان بيمارين ۾ مبتلا هئس، اسان کي جڏهن خبر پئي تڏهن اسان سول اسپتال حيدرآباد علاج لاءِ وياسين ته انهن شڪ ظاهر ڪيو جنهن کان پوءِ انهن اسان کي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ٽيسٽن لاءِ موڪليو جتي ڪراچي جي ڊاڪٽرن 2 مهينا اڳ ايڊز هئڻ جي تصديق ڪئي آهي هنن چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون گهر جو الهه تلهه وکڻي بيماري ۾ خرچ ڪري ڇڏيو آهي، صحت کاتي مٽياري ۽ چونڊيل نمائندن سميت ڪو به لڙي نه آيو، اختياريون اسان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي زندگيون بچائين.

هالا ۾ايڊز بابت آگاهي لاءِ صحت کاتي مٽياري طرفان جاڳرتا ريلي

هالا (ن ع آ ) صحت کاتي مٽياري پاران ضلعي مٽياري ۾ايڊز کان بچاءُ جي سلسلي ۾تعلقي اسپتال هالا مان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مٽياري ڊاڪٽر رام لوهاڻو، انچارج ايم ايس تعلقي اسپتال هالا ڊاڪٽر محمد رفيق ميمڻ، سي ايم ڊبليو اسڪول هالا جي پرنسپال ياسمين زهره جي اڳواڻي ۾ اِيڊز بچاءُ آگاهي مهم جي سلسلي ۾ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾تعلقي اسپتال هالا جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي سميت اي پي آء جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي اسپتال کان ٿيندي شھرجي مختلف روڊ تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ڊي ايڇ او مٽياري ڊاڪٽر رام لوهاڻو ايڊز کان بچاءُ جي متعلق خطاب ڪندي هن چيو ته هر حجام کان شيو ڪرڻ کان پهرين کيس نئون بليٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.

ايڊز وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڪٽس کٽي ويون آهن: صحت کاتو

ڪراچي (م ڊ ) سنڌ ۾ايڊز وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، صحت کاتي جي ٽيمن شڪارپور، ٺٽي، لاڙڪاڻي ۽ رتيديري ۾وڌيڪ ايڊز ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ٽيسٽ لاءِ ڪٽس کٽي ويون آهن، ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر شبير شيخ موجب ڪالهه شڪارپور ۾وڌيڪ 4 ايڊز ڪيس سامهون آيا آهن، ضلعي شڪارپور کي ايڊز جي حوالي سان انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته خيرپور ۾6 ۽ ٺٽي ۾5 ايڊز ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾عطائي ڊاڪٽرن جا دڪان ۽ غيرقانوني ليبارٽريون سيل ڪيون پيون وڃن.

You might also like