نئين مالي سال 20-2019 جي 6 هزار8 کربن جي بجيٽ اڄ پيش  ڪئي ويندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نئين مالي 20- 2019 ع جي وفاقي بجيٽ اڄ  قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ نئين مالي سال 20-2019 ع جي بجيٽ اڄ  پيش ڪندو، نئين مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي  ڪاٿو ساڍا  6 هزار 800 ارب رپين جي لڳ ڀڳ ٿيڻ جو امڪان آهي.

 بجيٽ  ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 925 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ قرض تي وياج جي ادائگي  لاءِ 25 سئو ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪرڻ جو امڪان آهي، بچاءَ بابت بجيٽ ۾ 1250 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي.

 بجيٽ خسارو 3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رهندو، ذريعن موجب  بجيٽ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس آمدني 5 هزار 550 ارب رپيا هوندي، آمدني مان 3160 ارب رپيا صوبن کي ڏنا ويندا ، انڪم ٽيڪس جي گهٽ ۾ گهٽ حد 12 لک سالياني آمدني کي گهٽ ڪري 4 لک  کان 6 لک رپين تائين ڪرڻ جون مختلف تجويزون غور هيٺ آهن.

 ايف بي آر پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس سيلز 7 مان وڌائي 8 ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي لاءِ انڪم ٽيڪس 8 مان وڌائي 9 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، نئين بجيٽ ۾ برآمدني شعبي  سميت ٻين شعبن کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني سپر ٽيڪس برقرار رکڻ ۽ هيلٿ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.

 سيلز ٽيڪس جي معياري شرح 17 سيڪڙو  مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ ۽ بينڪن ذريعي  ڏيتي ليتي ڪرڻ وارن نان فائلرز تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز تي غور ۽ نان فائلرز تي زمين جي خريداري تي پابندي ۾نرمي جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like