وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابينا کي ڪشمير بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ واري صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اجلاس جو 9 نقطن تي بتي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، ڪابينا اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۽ پاڪ ڀارت سرحد جي صورتحال جا جائزو ورتو ويندو ۽ والاريل ڪشمير بابت خاص ڪميٽي جون تجويزون پيش ڪيون وينديون.

ذريعن موجب پرڏيهي وزير ڪشمير بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندو ۽ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ڪابينا ميمبر عوام مفاد جي قدمن بابت تجويزون پيش ڪندا جڏهن ته مواصلات وزارت هڪ سال جي ڪارڪردگي تي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي.

وفاقي ڪابينا گذريل اي سي سي ۽ نجڪاري بابت ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي، گھٽ اگھن ۾ گھرن واري منصوبي لاءِ 5 ارب قرض جي منظوري ۽ پاڪ ترڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهن.

گھريلو تشدد کان تحفظ ۽ روڪ ٿام جي بل جي منظوري، ڪرسچن شادي ۽ طلاق بل 2019ع جي منظوري ۽ اينٽي ڊمپنگ ايپليٽ ٽريبونل جي چيئرمين ۽ 2 ميمبرن جي مقرري به ايجنڊا جو حصو آهن.

You might also like