جسماني فٽنس ۽ ورزش ڪينسر جي خطري کي پري رکندي آهي

بالٽي مور (ويب ڊيسڪ) وڏي آبادي تي ڪيل هڪ مطالعي مان انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪڏهن ڪو جسماني طور تي فٽ آهي ۽ باقاعدا ورزش ڪندو آهي ته اهو ڪيترن قسمن جي ڪينسر حملن کان بچي سگھي ٿو. ڊيٽرائٽ جي هينري فورڊ هيلٿ سسٽم ۽ بالٽي مور جي جان هاپڪنز اسڪول آف ميڊيسن جسماني طور تي بهترين ۽ فٽ ماڻهن ۽ انهن ۾ ڦڦڙن ۽ آنڊن جي ڪينسر وچ ۾ تحقيق ڪري ٻڌايو آهي ته اهڙا ماڻهن ۾ اول ته ڪينسر جو خطرو گھٽ هوندو آهي ۽ ٻيو ڪينسر ٿيڻ جي صورت ۾ زندهه رهڻ جو امڪان ٻين جي ڀيٽ بهتر هوندو آهي. ان سروي ۾ 49 هزار کان وڌيڪ مريضن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو جيڪي 1991ع کان 2009ع جي وچ ۾ ورزش، اسٽريس ۽ فٽنس جي ڪيترن ٽيسٽ مان گذريا هئا.

 ان گروپ ۾ 46 سيڪڙو عورتون، 64 سيڪڙو ڀورا، 29 سيڪڙو ڪاري نسل جا ۽ هڪ سيڪڙو هسپانوي شامل هئا. سروي سان واسطو رکندڙ ماهر ڊاڪٽر ڪيٿرين مارشل جو چوڻ آهي ته اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون مطالعو آهي جنهن ۾ ڀوري رنگ جي نسل کان علاوه گھڻن نسلن جي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.

 جيتوڻيڪ ورزش ۽ دل جي مرضن ۾ گھٽتائي وچ ۾ گھرو واسطو دريافت ٿي چڪو آهي پر اڃا تائين فٽنس، ورزش ۽ ڪينسر وچ ۾ واسطو دريافت نه ڪيو ويو هو. مطالعي ۾ شريڪ ماڻهن جون عمريون 40 کان 70 ورهيه هيون ۽ ستن سالن تائين هنن جي ورزشي عادتن مثال طور ڪارڊيو رسپائريٽري ورزش ۽ ايم اي ٽي ورزشن کي نوٽ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ماهرن ان ۾ ڪينسر سان متاثر ٿيڻ جي رجحان کي نوٽ ڪيو.

سروي مان خبر پئي ته گهڻي فٽ ۽ ورزش ڪندڙ ماڻهو ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 77 سيڪڙو ۽ آنڊن جي جي ڪينسر جو خدشو 61 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي. ان کان علاوا فٽ ماڻهو جيڪڏهن ڪينسر جي ان ٻن قسمن جو شڪار ٿي وڃن تڏهن به ان ۾ بحالي ۽ زندهه رهڻ جوامڪان روشن هوندو آهي.

You might also like