پاڪستان سان سيريز، سريلنڪن سيڪيورٽي وفد مطمئن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٽيسٽ ميچن جي تجويز تي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سريلنڪن سيڪيورٽي وفد پاڪستان پهتو، جنهن کي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪرايو ويو.

ذريعن موجب موهن ڊي سلوا جي سربراهي ۾ 4 رڪني سريلنڪن سيڪيورٽي وفد کي نيشنل اسٽيڊيم جو دورو ڪرايو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ڪراچي ۾ وڏي ويهڪ ٿي.

سريلنڪن وفد بريفنگ کانپوءِ سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڀرپور انتظامن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

مهمان وفد جي سربراهه موهن ڊي سلوا جو چوڻ هو ته دعوت ڏيڻ تي مان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهيان، جيڪا اسان کي بريفنگ ڏني وئي، ان تي اطمينان جو اظهار ڪريون ٿا.

سندس چوڻ هو ته اسان امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي سينيئر آفيسرن سان گڏ هتي آياسين، 2009ع ۾ حملي کانپوءِ رانديگرن سميت اسان جي قوم کي تمام گهڻا خدشا هئا، واپس سريلنڪا وڃي پنهنجي رپورٽ لکنداسين ۽ پي سي بي کي آگاهه ڪنداسين.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز شيڊيول آهي، جيڪا امڪاني طور پاڪستان ۾ کيڏي ويندي.

You might also like