پاڪستاني ڊاڪٽر ناممڪن کي ممڪن ڪري ڇڏيو…

 

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ايبٽ آباد جي خانگي اسپتال ۾ هڪ نيورو سرجن 9 ڪلاڪن جي سرجري کانپوءِ 7 ورهين جي ٻار جي مٿي مان اڍائي ڪلو وزني ڪينسر جي رسولي ڪڍي ڇڏي.

ڊاڪٽر عبدالعزيز نالي نيورو سرجن افغانستان جي صوبي هلمند سان واسطو رکندڙ 7 ورهين جي ٻار جي مٿي مان ڪينسر جي رسولي ڪڍڻ جو ڪامياب آپريشن ڪيو، جڏهن ته ٻار جي وڌيڪ طبي امداد ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي طبعيت بهتر ٿي رهي آهي.

ڊاڪٽر عبدالعزيز جو چوڻ هو ته ٽيومر جو وزن اڍائي ڪلو هو، جنهن سبب ٻار جي هڪ اک ۽ ڪَن ضايع ٿي ويو هو، ڀارت ۽ ترڪي جي ماهرن ٻار جي سرجري کي ڏاڍو ڏکيو قرار ڏنو هو پر اسان ان کي ممڪن ڪري ڇڏيو.

You might also like