ورلڊ ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان بالنگ، فيلڊنگ ۽ بيٽنگ ۾ ناڪام، ڀارت 89 رنسن تان ڪامياب

مانچسٽر ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان ميچ هارائڻ جي روايت ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، ڀارت بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو  ڪندي انتهائي اهم ميچ ۾ پاڪستان کي89 رنسن تان شڪست ڏئي. ڇڏي.

 مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ گرائونڊ  ۾ پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي ڀارت کي پهرين بيٽنگ  جي دعوت ڏني، ڀارت طرفان روهت شرما ۽ ڪي ايل راهول اننگز جي شروعات ڪئي، ٻنهي 5 اوورن کانپوءِ کلي کيڏڻ شروع ڪيو ۽ اسڪور کي 136  رنسن تي پهچايو، راهول 57 رنسون ٺاهي  آئوٽ  ٿيو، بعد ۾ روهت شرما ۽ ڪوهلي 98 رنسن جي پارٽنر شپ ڪئي، روهت شرما 113 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 140 رنسون  ٺاهيون، ويرات ڪولهي 65 بالن تي 77  رنسون ٺاهيون، هن جي اننگز ۾ 7 چوڪا شامل هئا، پانڊي 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، شنڪر 15 ۽ ياديو 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ڀارتي ٽيم 5  وڪيٽن جي نقصان تي 336 رنسون ٺاهيون.

 ڀارت جي اننگز جا 3 اوور رهيل هئا ته برسات شروع ٿي وئي، پاڪستان طرفان محمد عامر 3، حسن علي ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.برسات سبب متاثر ٿيل ميچ ۾ پاڪستان کي 302 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ويو، پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهي سگهيو.

 پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 13 رنسن جي اسڪور تي ڪري پئي، امام الحق 18 بالن تي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد فخر زمان  ۽ بابر اعطم اننگز کي آڳتي وڌائيندي اسڪور کي 117 تائين پهچايو، بابر اعظم 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

 126 جي اسڪور تي فخر الزمان به آئوٽ ٿي ويو، هن 75 بالن تي 62 رنسون ٺاهيون، محمد حفيظ 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، شعيب ملڪ گذريل ميچ جيان اسڪور ڪرڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، اسڪور 35  اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسن تي پهتو ته هڪ دفعو  وري برسات شروع ٿي وئي ۽ ميچ روڪڻي پئجي وئي.

بعد ۾ ميچ 40 اوورن تائين محدود ڪئي وئي ۽ پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت  302 رنسن  جو ٽارگيٽ ڏنو ويو، اهڙي طرح  پاڪستان کي 5 اوورن ۾ 136 رنسون ٺاهڻيون هيون، پاڪستاني  ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهي سگهي، پاڪستان طرفان عماد وسيم 46 ۽ شاداب 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، اهم ميچ ۾ ڀارت 89 رنسن تان هارائي ڇڏيو، پاڪستان جي اها پنجين ميچ هئي، پاڪستان  جون رڳو 3 پوائنٽون آهن، موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جو اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن جي حد تائين مشڪل بڻجي ويو آهي.

ويرات ڪوهلي سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ۾ پنهنجون 11 هزار رنسون به مڪمل ڪري ورتيون.

اهو سنگ ميل هن پنهنجي 230 هين ميچ جي 222هين اننگ ۾ 51 ففٽين ۽ 41 سينچرين جي مدد سان پار ڪيو آهي، جڏهن ته هن ڀارت جي مشهور رانديگر سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي.

شاهه محمود قريشي به ميچ ڏسڻ اسٽيڊيم پهتو

مانچسٽر(م ڊ) پاڪستان جو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي به پنهنجي وفد سان گڏ انگلينڊ ۾ موجود رهيو، جتي هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ اسٽيڊيم ۾ وڃي ڏٺي، شاهه محمود قريشي مصروف ترين ڏينهن گذاريو ۽ اسٽيڊيم وڃڻ کان اڳ هن برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر محمد نفيس ذڪريا سان گڏ پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان سان ملاقات ڪئي .

فردوس عاشق اعواڻ به ڪرڪيٽ تجزئي نگار!

اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ به ڪرڪيٽ تي تجزيو ڪندڙن ۾ شامل ٿي وئي .

 آچر تي پاڪ ڀارت ميچ دوران هن پي ٽي وي اسپورٽس جي ورلڊ ڪپ ٽرانسميشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

 هن فاسٽ بالر حسن علي کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن حسن علي کان سٺي بالنگ نه ٿي رهي آهي ته ڪنهن ٻئي کي موقعو ملڻ گهرجي ها.

هن چيو ته مان پاڻ آل رائونڊر ڪرڪيٽر رهي آهيان ۽ چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان ماني سان ملاقاتن ۾ کيس ڪرڪيٽ کي بهتر ڪرڻ جا مشورا به ڏيندي رهي آهيان،

پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو درست نه هو: نعيم الحق

سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق چيو آهي ته پاڪستان جو ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو درست نه هو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان به سرفراز احمد کي پهرين بيٽنگ جو مشورو ڏنو هو.

هن چيو ته هدف جو پيڇو ڪرڻ ۾  پاڪستان جو رڪارڊ انتهائي ناقص آهي ۽ انهيءَ دوران ان ڳالهه جي آزمائش به ٿيندي آهي ته توهان ذهني طور تي ڪيترا مضبوط آهيو،

” ريلو ڪٽو“ ڪير، شعيب،حفيظ،عماد يا آصف علي؟

پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ وزيراعظم عمران خان سرفراز کي مشورو ڏنو ته ”ريلو ڪٽا“ نه کيڏايو،اهي پريشر ۾ اچي وڃن ٿا، سوال اهو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ آخر ريلو ڪٽو آهي ڪير؟ ڇا وزيراعظم جو اشارو سينيئر رانديگر شعيب ملڪ تي آهي. ڇا محمد حفيظ آهي ڇا عماد وسيم يا پوءِ آصف علي آهي؟ ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي وڏو هل متل رهيل رهيو.

 صحافي خرم حسين چيو ته اهي ريلو ڪٽا ناهن، اهي نر جا ٻچا آهن، هڪ ٻئي صحافي عمر قريشي ريلو ڪٽو امام الحق ۽ شعيب ملڪ کي قرار ڏنو.

ڀارتي صحافي چندريش نارائڻ لفظ ”ريلو ڪٽو“ جي تعريف بيان ڪندي چيو ته اهي کلاڙي جن جي 11 رانديگرن ۾ ڪا به جاءِ ناهي، ان لاءِ اهو عمران خان جو پسنديده لفظ آهي، جنهن جي جواب ۾ ناليواري ڀارتي صحافڻ برکا دت لکيو ته شڪريو، مان سڄو ڏينهن ”ريلو ڪٽو“ جي لفظ تي پريشان هئس، ڇا اهو پنجابي لفظ آهي؟

وزيراعظم ٻڌائي ”ريلو ڪٽا“ ٽيم ۾ ڪيئن آيا: اپوزيشن

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ تي پوري قوم ٽيم کي دعائون ڏئي رهي آهي ۽ نالائق وزيراعظم پنهنجي ٽيم کي جهرلو ٽيم چئي رهيو آهي.

ن ليگ ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهم ترين مقابلي ۾ ٽيم کي حوصلو ڏنو ويندو آهي سندس مورال ڊائون ناهي ڪبو، عمران صاحب! پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هر رانديگر قوم جو فخر آهي ۽ اوهان کي ڪيترا ڀيرا مفت مشورو ڏنو آهي ته چپ رهندا ڪريو. هن پاڪ ڀارت ميچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله ڪاميابي پاڪستان جي ٿيندي.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستاني ٽيم کي مشورو ڏيندي چيو هو ته ٽيم جو تجربيڪار بيٽسمينن ۽ بالرن سان ميدان تي لهڻ گهرجي” جهرلو “ دٻاءُ ۾ سدائين گهٽ پرفارم ڪندا آهن. هوڏانهن پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته وزيراعظم جي ان بيان تي حيرانگي ٿي، عمران خان قومي ٽيم کي ورهائي ڇڏيو، هو ٻڌائي ته ريلو ڪٽا ٽيم ۾ ڪيئن آيا.

وزيراعظم جو ”ريلو ڪٽا “ وارو بيان قومي ٽيم جي حوصلا شڪني آهي: مرتضيٰ وهاب

وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب وزيراعظم عمران خان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم بابت ڏنل بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم نيازي جو بيان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي حوصله شڪني جي برابر آهي.

بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سبز حلالي پرچم کڻندڙ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪو به رانديگر ”ريلو ڪٽا “ نه آهي. هن چيو ته هن قسم جو بيان وزيراعظم نيازي کي زيب نه ٿو ڏي، هي ڪهڙو اسپورٽس مين آهي جيڪو پنهنجي قومي رانديگرن ”ريلو ڪٽا “سان تشبيهه ڪري رهيو آهي؟ بئرسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته نااهل نيازي بيان جي ذريعي قومي رانديگرن جي خامين جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.

 هن چيو ته وزيراعظم صاحب خدارا ! اهڙي قسم جي بيان ڏئي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو مورال نه ڪيرايو. اطلاعات کاتي واري صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اڌ کان وڌيڪ ”ريلو ڪٽا “ توهان پنهنجي جماعت ۾ شامل ڪيا آهن ۽ پاڪستاني قوم اهڙي قسم جي اهمڪانه بيان کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي.

کٽون يا هارايون، دعائون قومي ٽيم سان گڏ آهن: آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان جو ايمان آهي ته رب سڀني جو آهي ۽ ان کان دعا جو حق هر هڪ کي حاصل آهي. اڄ جي ميچ هڪ راند آهي جيڪا ٽيم گرائونڊ ۾ سٺو کيڏندي اها ڪامياب ٿيندي.

اسان کٽون يا هارايون اسان جون دعائون قومي ٽيم سان گڏ آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري کان علاوه وفاقي وزيرن به قومي ٽيم کي ٽپس ٻڌايون ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پاڪ ڀارت مقابلي کي گهڻي هوا ڏيڻ جي ضرورت ناهي: ثانيه مرزا

ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ اشتهارن کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ ئي آف دي فيلڊ جنگ ڇڙي وئي.

 پاڪستانين سوشل ميڊيا تي ايڊ ٺاهيو ۽ ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جو ڪيريڪٽر ٺاهيو،سوال به ڪيا پوءِ چانهه جو به پڇيو ۽ گڏ ئي ڪوپ ڇڏي وڃڻ جو به چيو ويو، ان صورتحال ۾ ثانيه مرزا به ميدان تي اچي وئي ۽ ٽوئيٽر تي لکيو ته ميڊيا تي اشتهارن ذريعي ان مقابلي کي تمام گهڻي هوا ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا اهڙن اشتهارن کان پاسو ڪري،

You might also like