هاڻي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جي فيس ڏيڻي پوندي

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ جي سڀ کان وڏي موبائل اپليڪيشن واٽس ايپ استعمال جي فيس لاڳو ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب واٽس ايپ اعلان ڪيو آهي ته لنڊن ۾ اپليڪيشن استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي سروس استعمال ڪرڻ لاءِ رقم ادا ڪرڻي پوندي. رقم جي ادائگي فيس بڪ سسٽم تحت ٿيندي جنهن جي آزمائشي سرورس برطانيا ۾ ٿيندي ۽ ڪاميابي کان پوءِ ان کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

انتظاميا طرفان اهو اعلان بريگزيٽ ڊيل جي حوالي سان ڪيو ويو پر اڃان تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته واهپيدارن کي فيس ماهوار ادا ڪرڻي پوندي يا سال ۾ هڪ ڀيرو .

واٽس ايپ لندن ۾ جاري بريگزيٽ ڊيل بابت 100 انجينيئرن کي ڊبلن جي سافٽ ويئر هائوس ۾ ملازمتون فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. واٽس ايپ جي آپريٽنگ چيف آفيسر ماٽ آئيڊيما جو چوڻ هو ته اسان واهپيدارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري رهيا آهيون جنهن کي ڪمپني پگھار نه ڏيندي لنڊن جي واهپيدارن کان حاصل ٿيندر رقم مان ئي هنن کي پگھارون ڏنيون وينديون.

هن اهو به ٻڌايو ته لنڊن ۽ ڊبلن ۾ واهپيدار گذريل ٻن ڏهائين کان واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته فيس بڪ جلد ئي واٽس ايپ موبائل کان رقم ادائگي لاءِ نئين ايپليڪيشن ۽ طريقو هلندڙ سال جي آخر تائين متعارف ڪرائيندو.

You might also like