رپورٽ: نوشهرو فيروز: رواداري تحريڪ جي ڪافلي جي شاندار آجيان

ڪراچي کان لاهور لاءِ نڪتل رواداري مارچ نوشهرو فيروز پهچڻ تي شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.

پنهل ساريي، طھمينا ۔ سيمسن سلامت ۽ ديدار ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پهتل رواداري مارچ جو شهرين  ۽ سياسي سماجي پارٽين جي ڪارڪنن پاران گل نڇار ڪري آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ھر سال ڪراچي کان ڪافلي جي صورت ۾ لاھور فسٽول ۾ شرڪت لاء نڪرندا آھيون،

سندن چوڻ هو ته رواداري ڪافلي جو مقصد امن محبت ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ آهي.

هنن چيو ته پاڪستان سوڌو دنيا ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي امن ۽ محبت ذريعي کي مات ڏئي سگهجي ٿي…………….

You might also like