وزيراعظم اهڙي رياست چاهي ٿو جيڪا….. فردوس عاشق وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته پاڪستان هائوسنگ منصوبو نئين روشن پاڪستان ۽ فلاحي رياست جي قيام ڏانهن اهم قدم آهي.

 

وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق جو چوڻ آهي ته پاڪستان هائوسنگ منصوبو عوام کي پنهنجي ڇت ڏيارڻ  وارو خواب پورو ڪرڻ ڏانهن وزيراعظم عمران خان جو عملي قدم آهي. ڪمزور ۽ پگهاردار طبقي لاءِ اها اسڪيم کين نئون اعتماد ڏئي رهي آهي ۽ سندن اميدون پوريون ڪرڻ جو ذريعو بڻجي رهي آهي.

 

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اها اسڪيم اڏاوتن بابت ڪيترن ئي ٻين صنعتن جي هٿي جو به ذريعو بڻجندي، اهو نئين روشن پاڪستان ۽ فلاحي رياست جي قيام ڏانهن اهم قدم آهي. عمران خان اهڙي رياست ٺاهڻ جو بنياد وجهڻ چاهي ٿو جيڪا شهرين جي تحفظ ۽ بهتري جو ذمو کڻي، جيڪا حڪمرانن جي مفادن بدران عوام جي حقن جي نگهبان هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.