رپورٽ: نوابشاھ: کوسا ۽ جتوئي برادري ۾ پراڻي دشمني تان جھيڙو ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاھ: کوسا ۽ جتوئي برادري ۾ پراڻي دشمني تان جھيڙو ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاھ: کوسا ۽ جتوئي برادري ۾ پراڻي دشمني تان جھيڙو ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل

 

نوابشاھ ڀرسان پراڻي دشمني تان کوسا برادري جي هٿياربندن جتوئي برادري جي گھرن تي حملو ڪري ڏنو  جنهن ۾ جتوئي برادري جو هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو  جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ کوسا برادري جو هڪ ڄڻو قتل .

نوابشاھ ڀرسان بالو جا قبا ۾ پراڻي دشمني تي کوسا برادري جي هٿياربندن  جتوئي برادري جي گھرن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ چاليھ سالن جو علي خان جتوئي قتل ٿي ويو ۽ سندس پٽ عمران  جتوئي  سخت زخمي ٿي پيو

جڏهن ته حملو ڪندڙن مان عطا محمد کوسوبه جتوئي برادري جي فائرنگ ۾ مارجي ويو قتل ٿيدڙ ٻن ڄڻن ۽ زخمي کي پي ايم يو اسپتال پهچايو ويو

اهڙي واقعي کان پوء علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن .