پرچي وارو چيئرمين ڦڦيءَ ۽ پاپا جي ڦرلٽ جو جواب ڏي….

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پرچي وارو چيئرمين ڦڦيءَ ۽ پاپا جي ڦرلٽ جو جواب ڏي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهه ٻولهه ۽ نظريو بئي ڪنفيوزڊ آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو ته پرچي واري حادثاتي چيئرمين جي ڳالهه ٻولهه ۽ نظريو ٻئي ڪنفيوزڊ آهن.

نيب ڦڦيءَ کي گرفتار ڪندي آهي ته پرچي حادثاتي چيئرمين بجيٽ تي تبصرو ڪندو آهي فريال ٽالپر جي گرفتاري کان پوءِ  بلاول جي تقرير لکندڙ جون ڏکيائيون وڌي ويون آهن.

مراد سعيد چيو ته جيڪا تقرير بلاول کي بجيٽ لاءِ ياد ڪرائي وئي اها هن ڦڦي جي گرفتاري تي ڪري ڇڏي، فريال بي بي کي ڪنهن به سياسي ڪيس ۾ گرفتار ناهي ڪيو ويو پر نواز حڪومت ۾ ٺاهيل جعلي اڪائونٽس واري ڪيس تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ هر محاذ تي وڙهندي، فريال ٽالپر بهادر عورت آهي، نيب کي سياسي انتقام ۽ سياسي انجينيئرنگ لاءِ بڻايو ويو آهي، ملڪ ۾ سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پرويز مشرف نيب کي سياسي انتقام لاءِ بڻايو هو.

You might also like