موبائل فون واهپيدارن جي فرنچائيزز تي موبائل رجسٽريشن سروس شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي سموري ملڪ ۾ موبائل فون جي رجسٽريشن فرنچائيزن تي به سروس شروع ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب موبائل ڊيوائسز جي آءِ ايم اِي آءِ رجسٽرڊ ڪرائڻ جي خواهشمند واهپيدارن جي سولائي لاءِ پي ٽي اي سموري ملڪ ۾ موبائل فون آپريٽرن جي فرنچائيزز تي به موبائل رجسٽريشن سروس شروع ڪري ڇڏي آهي، ۽ سڀني فرنچائيزن ۽ ڪسٽمر سروس سينٽرن جي فهرست پي ٽِي اي ويب سائٽ تي موجود آهي. ان کان اڳ پي ٽي اي طرفان موبائل فون جي آءِ ايم اي آءِ نمبر جي تصديق لاءِ جيڪو طريقيڪار واضح ڪيو ويو هو،  اهو گھڻو ڏکيو ۽ آهي، آءِ ايم اِي آءِ نمبر 8484 پر ايس ايم ايس ڪرڻ يا ڪنهن به موبائل فون جو آءِ ايم اي آءِ نمبر *06# ڊائل ڪري ڄاڻي سگھجي ٿو ، آءِ ايم اِي آءِ نمبر 8484 تي موڪلڻ کان پوءِ پي ٽي اي طرفان چئن مان ڪو به هڪ جواب موصول ٿيندو پهرين صورت ۾ موبائل سيٽ جي تصديق ٿيندي جنهن جو مطلب آهي ته لاڳاپيل فون پي ٽي اي جي منظوري سان قانوني طريقي موجب درآمد ڪيو ويو آهي.